imam Ghazali Ki Taleemat

Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

ٽيون ۽ چوٿون عارضو: دُنيوي تڪليفون ۽ قضاءِ الٰهي: ٻانهو جڏهن عِبَادت ڏانهن ڌيان ڏيندو آهي ته ڪيئي قسم جون مصيبتون ان ڏانهن وڌنديون آهن، ان کي طعنا هنيا ويندا آهن، آڱريون کڄنديون آهن، ماڻهو ان کي بُرو ڀلو چوندا آهن، طرح طرح سان ستائيندا آهن۔ اهڙي طرح ڪڏهن ان کي بيماري ايندي آهي، ڪڏهن تڪليف، ڪڏهن تنگ دستي، ڪڏهن بي روزگاري، ڪڏهن گھريلو پريشانيون، ڪڏهن ٻاهريان مسئلا۔ انهن سڀني جو عِلاج اهو آهي ته ٻانهو صبر ڪري ۽ الله ڪريم جي رضا تي راضي رهي، اِنْ شَآءَ الله! ان کي الله پاڪ جي خاص مدد ۽ نصرت نصيب ٿيندي۔ الله پاڪ فرمائي ٿو:

اِنَّ اللّٰهَ مَعَ الصّٰبِرِیْنَ(۱۵۳) (پاره2،سورۃالبقرۃ:153)

ترجمو ڪنز الايمان: بيشڪ الله صبر وارن سان گڏ آهي.

جڏهن ٻانهو اهي 4 ڪم به ڪري وٺندو آهي ته هاڻي استقامت ناهي ملندي، ان جو نفس سستي ڏيکاريندو آهي، غفلت طاري ٿيندي آهي، نيڪين جي رغبت پيدا ناهي ٿيندي، نيڪ عملن ۾ دِل ناهي لڳندي، هن جو علاج اهو آهي ته ٻانهو خوف و رَجا (اميد) پيدا ڪري، يعني نيڪين جي صِلي ۾ ملندڙ ثواب جي اُميد رکي، جنت ۽ ان جي نعمتن کي ياد ڪري، الله پاڪ جي انعامات جو تصور ڪري، نيڪ عملن جي فضيلتن جو مطالعو ڪري ۽ گڏوگڏ جهنّم جا عذاب، الله پاڪ جي ناراضِي، قبر جي وحشت، حشر جي گرمي کي ياد ڪري دِل ۾ خوفِ خدا پيدا ڪري۔ اِنْ شَآء الله! عبادت تي استقامت ملڻ لڳندي۔

خوف ۽ رَجَا جي ذريعي جڏهن ٻانهو نيڪ عملن ۾ مصروف ٿي ويندو آهي ته هاڻي شيطان خطرناڪ چال هلندو آهي، ٻانهي کي رِيا ڪاري ۽ خود پسندي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي۔ رياڪاري جو علاج اِخلاص آهي ڇوته ٻانهو عِبَادت صِرف ۽ صِرف الله پاڪ جي رضا جي لاءِ ڪري ۽ الله پاڪ جي اِحسَانن کي ياد ڪري، ان جون نعمتون ياد ڪري، سوچي ته الله پاڪ توفيق نه ڏي ها ته ڇا