imam Ghazali Ki Taleemat

Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

المدينه تان هديةً طلب ڪريو، پڙھو ۽ عمل جي سَعَادت حاصِل ڪريو۔

امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي تڙپ آهي ته شفاعت فرمائڻ واري آقا، پياري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هر اُمّتي نيڪ بڻجي وڃي، پنهنجي به اِصلاح ڪري ۽ ٻين جي اِصلاح جي به ڪوشش ڪندو رهي۔ الحمد لله! امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي دِيني، روحاني، علمي تجربات جي روشني ۾ جانشينِ امير اهلسنّتنيڪ اعمال“ نالي رسالو ترتيب ڏنو آهي۔ اهو رسالو اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن، ٻارن ۽ شاگردن جي لاءِ الڳ الڳ آهي۔ اسلامي ڀائرن واري ”نيڪ اعمال“ نالي رسالي ۾ 72 سوال لکيا ويا آهن، مثال طور ڇا اڄ اوهان پنجئي نمازون جماعت سان ادا ڪيون؟ ڇا اڄ اوهان نماز جي دعوت ڏني؟ ڇا اڄ اوهان سورة الملڪ پڙھي؟ ڇا اڄ اوهان 313 ڀيرا درود شريف پڙھيو؟ وغيره۔ هر سوال جي هيٺ 30 خانا ڏنا ويا آهن۔ اوهان به اهو رسالو مڪتبة المدينه تان حاصِل ڪريو ۽ روزانو وقت مقرر ڪري پنهنجي نيڪ اعمال جو جائزو وٺندي هن رسالي جا خانا ڀرڻ جي عادَت ٺاهيو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه! ان جي برڪت سان ڪجھ ئي ڏينهن ۾ پنهنجي نيڪ عملن ۾ ترقي ڏسندؤ ۽ الله ڪريم چاهيو ته نيڪين تي استقامت پڻ نصيب ٿيندي۔

الحمد لله! رسالو ”نيڪ اَعمَال“ جي مطابق زِندگي گذارڻ، پابندي سان هن جا خانا ڀري عمل جو جذبو وڌائڻ جون بيشمار برڪتون آهن، اچو! اوهان کي هڪ مدني بهار ٻڌايان ٿو۔

  نيو ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو ڪجھ هن طرح بيان آهي، علائقي جي مسجد جي امام صاحب جيڪو دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته هو، ان اِنفرادي ڪوشش ڪندي منهنجي وڏي ڀاء کي مدني اِنعامات جو هڪ رِسالو تحفي ۾ ڏنو، هو گھر کڻي آيو ۽ پڙهيائين ته حيران ٿي ويو جو هن مختصر رسالي ۾ هڪ مسلمان کي اِسلامي زندگي گذارڻ جو ايترو زبردست طريقو ڏنو ويو آهي۔ مدني انعامات جو رِسالو ملڻ جي بَرڪت سان اَلْحَمْدُ لِلّٰه! اُن