imam Ghazali Ki Taleemat

Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو! * جيڪو عشقِ مصطفيٰ ۾، برڪت جي لاءِ پنهنجي پُٽ جو نالو محمد رکي، اهو ۽ ان جو پُٽ جنت ۾ ويندا۔ (کَنْزُ الْعُمَّال، کتاب النکاح، جلد:16، صفحہ:175، حدیث:45215) * جنهن برڪت جي لاءِ منهنجي نالي تي نالو رکيو، قيامت تائين صبح و شام ان تي برڪت نازِل ٿيندي رهندي۔ (کَنْزُ الْعُمَّال، کتاب النکاح، جلد:16، صفحہ:175، حدیث:45213)

آنکھوں کا تارا نامِ محمد                                        دِل کا اُجالا نامِ محمد

شیدا نہ کیوں ہوں، اس پر مسلماں                        رَبّ کو ہے پیارا نامِ محمد

روزِ قیامت میزان و پُل پر                                   دے گا سہارا نامِ محمد([1])

 افسوس! اسان منفرد (Unique) نالا رکڻ جي چڪرن ۾ اهڙين اعليٰ فضيلتن کان محروم ٿي ويندا آهيون۔ اي عاشقانِ رسول! پنهنجي رڳو هڪ پُٽ جو نه، بلڪ سڀني پٽن جو نالو محمد رکو، ڊبلنگ ٿئي ته ڪو حرج نه آهي؟۔ رسول اڪرم جي ڏوهٽي، امام حسين رَضِىَ الله عَنْه جا ٽي 3 شهزادا هئا ۽ ٽنهي جو نالو علي آهي۔ وڏي شهزادي جو نالو: علي اڪبر، وچ واري جو: علي اوسط، ۽ ننڍڙي شهزادي جو نالو علي اصغر هو۔

اميراهلسنت، حضرت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي نالي رکڻ جو انداز به وڏو خوبصورت ۽ حڪمت ڀريو آهي. پاڻ عام طور ٻارن جو نالو محمد ئي رکندا آهن، ها محمد نالي جي بي ادبي نه ٿئي ان ڪري پڪارڻ جي لاءِ عليحده نالو رکندا آهن، مثال طور پٽ جو نالو محمد ۽ پڪارڻ جي لاءِ ابراهيم. بلڪ اميراهلسنت ته الله پاڪ جي ولي، سچي عاشقِ رسول امامِ اهلسنت، امام احمد رضا جون برڪتون حاصل ڪرڻ جي لاءِ لفظ ”رضا“ جو به اضافو فرمائيندا آهن جيئن محمد ابراهيم رضا، محمد اسماعيل رضا وغيره.


 

 



[1]   قبالۂ بخشش، صفحہ:133،134۔