imam Ghazali Ki Taleemat

Book Name:imam Ghazali Ki Taleemat

عِلم دين سکندا رهيا۔ (فیضانِ امام غزالی، صفحہ:10، 12، 15،ملتقطًا)

امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو معمول هو، جيڪو ڪجھ استاد کان سکندا هئا ان کي لکي نوٽس جي صُورت ۾ محفوظ ڪندا رهندا هئا۔ جڏهن پاڻ جُرجان کان واپس موٽي رهيا هئا، واٽ تي ڌاڙيلن حملو ڪيو، قافلي جو سمورو سامان کَسِي ويا، ان حادثي ۾ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا علمي نوٽس به ڌاڙيلن جي هٿ لڳا۔ پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  کي ان جو ڏاڍو صدمو رسيو، ان ڪري پاڻ رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه  ڌاڙيلن جي سردار وٽ ويا ۽ الله ڪريم جي بارگاھ ۾ حاضِري جو منظر ياد ڏياري فرمايائون: مان بس ايترو چاهيان ٿو ته مون کي نوٽس موٽائي ڏيو، ان ۾ توهان جي فائدي جي ڪا شيء ناهي۔ ان تي ڌاڙيلن جي سردار ٽهڪ ڏيندي طنزيه لهجي ۾ چيو: توهان کي عِلم تي مهارت ڪيئن ٿي حاصل ٿي سگھي؟ جڏهن ته اهي نوٽس کسجي وڃڻ تي توهان بلڪل خالي ٿي ويا آهيو۔

بَس اهو هڪ جملو هو جنهن امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دِل تي وڏو اَثر ڪيو، فرمائن ٿا: مان سمجھي ويو هيس ته اها ڳالھ ڌاڙيلن جي سردارناهي چئي، بلڪه منهنجي رهنمائي جي لاءِ الله پاڪ ان جي زبان سان چورائي آهي، پوءِ مان نوٽس کڻي پنهنجي وطن پهتس ۽ پورا ٽي سال لاڳيتو محنت ڪري نوٽس ۾ لکيل تمام مسئلا زباني ياد ڪري ورتا۔

(طبقات شافعیہ کبری، پانچواں طبقہ، جلد:6، صفحہ:195ملخصًا)

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه شروع ئي کان پنهنجي اصلاح ڏانهن ڪيئن متوجه هئا، پاڻ ڌاڙيلن جي سردار جو جملو ٻڌو ۽ ان تي ڪاوڙ نه ڪيائون، ان کي پنهنجي توهين نه سمجھيائون بلڪه ان مان سبق پرايو ۽ آئنده جي لاءِ پنهنجو علم اهڙي طرح محفوظ ڪيو جو هاڻي ڪوبه ان کي چُرائي نٿو سگھي۔ هن مان اها به خبر پئي ته ڪڏهن ڪڏهن هڪ جملو ئي زِندگي جو انداز بدلي ڇڏڻ جي لاءِ ڪافِي هوندو آهي۔