Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

جلد:2، صفحہ:367، تحت الحدیث:1871) خبر پئي ته اَلله پاڪ ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سُستي جي نشانين کي به پسند نٿا فرمائن۔

(2): مديني جي تاجدار، رسولن جي سردار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي اُمَّت جي باري ۾ 4 شين کان خوف جو اظهار ڪيو، فرمايائون: اَخْشٰی مَاخَشَیْتُ عَلٰی اُمَّتِی مون کي پنهنجي اُمَّت جي معاملي ۾ جن ڳالهين جو گھڻو خوف آهي اهي هي آهن: * کِبْرُ الْبَطَنِِ پيٽ جو وڌي وڃڻ (هن مان مراد قدرتي موٽاپو ناهي بلڪه عالم سڳورا فرمائن ٿا اهو موٽاپو برو آهي جيڪو گهڻو کائڻ پيئڻ ۽ عيش و عشرت جي ذريعي پاڻ پيدا ڪيو ويندو آهي.) * مُدَوَامَۃُ النَّوْمِ گھڻو سمهڻ * اَلْکَسْلُ سُستي * وَضُعْفُ الْیَقِیْنِ ۽ يقين جي ڪمزوري۔

(جامع صغیر، صفحہ:25، حدیث:295) 

(3): هڪ ٻي خوبصورت حديث پاڪ آهي، آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَلصَّبْرُ نِصْفُ الْاِيمَان صبر اڌ ايمان آهي۔ (معجم الکبیر، جلد:4، صفحہ:463، حدیث:8466) عَلَّامه عَبْدُ الرَّؤف مناوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: ايمان دل جي يقين جو نالو آهي پر هن ايمان جا ڪيئي تقاضا آهن، * نماز ايمان جو تقاضو آهي * زڪوٰة ايمان جو تقاضو آهي * حج ايمان جو تقاضو آهي * نيڪي جي دعوت ڏيڻ ايمان جو تقاضو آهي * برائي کان منع ڪرڻ ايمان جو تقاضو آهي * خيرخواهي ڪرڻ ايمان جو تقاضو آهي، ٻه شيون ايمان جي انهن تقاضائن تي عمل کان روڪين ٿيون:

(1):سُستي       (2):نفس جي خواهش۔

ڇو ته صبر سُستي ۽ نفس جي خواهش کي دٻائي ايمان جي تقاضائن تي عمل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، ان ڪري فرمايائون: صبر اڌ ايمان آهي۔ (فیض القدیر، جلد:4، صفحہ:307، تحت الحدیث:5130)