Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

سڀاڻي تي ڇڏيندو آهي، اهو هيء سمجھي رهيو هوندو آهي ته مان سڀاڻي تائين زِنده رهندس۔ اهو هڪ ڌوڪو آهي، زِندگي ۾ سڀاڻي ڪڏهن ناهي ايندي۔ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا استادِ محترم فرمائن ٿا: دُنيا 3 ساھ آهي: * هڪ ساھ جيڪو اسان کڻي ورتو، ان تي اسان جو ڪو اختيار ناهي۔ * ٻيو ساھ جيڪو اسان کڻي رهيا آهيون، اسان کي جيڪو ڪرڻو آهي، انهيء ۾ ڪرڻو آهي۔ * ٽيون ساھ جيڪو اڃان اچڻو آهي، ان جو اسان کي ڪو ڀروسو ناهي، خبر ناهي ايندو به يا نه۔ (منہاج العابدین، صفحہ:195) 

پنهنجي آسپاس نگاھ ڪريو! موت جي مختلف سببن اسان کي چئني پاسن کي وڪوڙي رکيو آهي، زمين موت جو هڪ سبب آهي، زلزلو ايندو آهي، يڪدم زمين هِلندي آهي ۽ انسان موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن، ڇت ڪرڻ سان موت ٿي ويندو آهي، بجلي جون تارون (Electric Wires) اسان جي چوڌاري ڦهليل آهن، ان جي ذريعي ڪرنٽ لڳڻ سان موت اچي ويندو آهي، موٽر سائيڪل، ڪار وغيره اسان وڏي شوق سان خريد ڪيون ٿا، ڪيئي اهڙا آهن جن کي جهاز تي ويهڻ جو شوق هوندو آهي، اهي سڀ موت جا سبب آهن، ايڪسيڊنٽ ٿيندو آهي، موت ٿي ويندو آهي، جهاز ڪِري تباھ ٿي وڃي ته سوين ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويندا آهن، کاڌو جيڪو اسان وڏي شوق سان کائون ٿا، اهو به موت جو هڪ وڏو سبب آهي، انسان کاڌو کائيندو رهندو آهي، گرھ نڙي ۾ اٽڪي پوندو آهي، ساھ رڪجي ويندو آهي ۽ موت  واقع ٿي ويندو آهي، دِل جون بيماريون، ڪينسر وغيره هلاڪ ڪندڙ بيماريون عام طور کائڻ پيئڻ جي بي ترتيبي سان ٿينديون آهن۔ الله پاڪ اسان کي حادثن ۽ موتمار بيمارين کان محفوظ فرمائي پر ڇا اها حيرت جي ڳالھ نه آهي، موت جو پاڇو هر وقت انسان جي مٿي تي گھمي رهيو آهي، انسان پوءِ به ڊگھيون اميدون ڪري ٿو؟

پیام مرگ دیتے ہیں ہزاروں حادثے پھر بھی

ہماری قوم کی ساحِل تَنْ آسانی نہیں جاتی