Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

ياد رکو! سُستي شيطان جو وسوسو ناهي، سُستي نفس جو مطالبو آهي۔ شيطاني وسوسو عارضِي هوندو آهي، جڏهن وسوسو اچي، اوهان ذِڪرُ الله ڪريو، وسوسو ختم ٿي ويندو پر نفس جو مطالبو ائين ناهي ٿيندو، نفس جي خواهش ڏينهو ڏينهن شِدَّت اختيار ڪندي آهي، نفس جو هڪ ئي عِلاج آهي، ان جي خواهشن کي دٻايو وڃي، ان جي خواهشن جو اُبتڙ ڪيو وڃي۔ اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: عقل و نقل (يعني قرآن وحديث) ۽ تجربو شاهد آهي ته نفسِ اَمَّاره جو لگام جيترو ڇڪيو، دٻجندو آهي،  ۽ جيتري قدر ڍر ڏيو، وڌيڪ پير ڦهلائيندو آهي۔  

(فتاوی رضویہ، جلد:12، صفحہ:469) 

جيڪڏهن اوهان پنهنجي اندران سُستي ختم ڪرڻ چاهيو ٿا ۽ هن معاملي ۾ سنجيده آهيو ته پنهنجي 24 ڪلاڪن جو جائِزو وٺو، جنهن جڳھ هڪ منٽ جي به نفس سُستي ڪري ٿو، ان جڳھ تي ان کي دٻائي ڇڏيو، نفس کي هڪ منٽ جي به سُستي نه ڪرڻ ڏيو۔ جيڪڏهن اوهان نفس کي هڪ منٽ جي سُستي ڪرڻ ڏيندا، اهو 2 منٽن جي سُستي جو مطالبو ڪندو، اوهان 2منٽن جي سُستي ڪرڻ ڏيندؤ، اهو 4 منٽن جو مطالبو ڪندو، اوهان هڪ ڏينهن سستي ڪندؤ، اهو 2 ڏينهن جي سُستي جو مطالبو ڪندو۔ جيڪڏهن اوهان اڄ سُستي ڪري، اڄ جو ڪم سڀاڻي تي ڇڏي رهيا آهيو ۽ ان خوش فهمي ۾ آهيو ته سڀاڻي اوهان خوب محنت ڪري ڪم مڪمل ڪري وٺندؤ ته اهو نفس جو ڌوڪو آهي، ڇوته اڄ نفس جو مطالبو ڪمزور آهي، سڀاڻي هي وڌيڪ شِدَّت اختيار ڪندو، اڄ اوهان سُستي ڪري رهيا آهيو، سڀاڻي اوهان جو نفس وڌيڪ سست ٿيندو، اوهان سڀاڻي به محنت ڪونه ڪري سگھندؤ۔ هڪ شخص هو، ان کي سگريٽ پيئڻ جي عادَت هئي، اهو پنهنجي هن عادَت کان تنگ هو، سگريٽ ڇڏڻ چاهيندو هو، هڪ ڏينهن ان پنهنجي فيس بُڪ پيج تي سگريٽ جي تصوير لڳائي ۽ هيٺ لکايائين: Last one (لَاسٽ وَن يعني اها منهنجي زندگي جي آخري سگريٽ آهي)۔ اڳئين ڏينهن وري ان هڪ تصوير لڳائي، هيٺ لکيل هو: Last one (لَاسٽ