Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

لڳايو، پاڻ کي هڪ منٽ به فارِغ نه رهڻ ڏيو، اهو سستي جو سڀ کان بهترين عِلاج آهي۔

عام طور اسان وٽ ڪجھ جملا چيا ويندا آهن: ”مان فارِغ آهيان“ ”فلاڻي وقت ۾ فارِغ ٿيندو آهيان“ ”ڪجھ نه بَس ٽائِم پاس ڪري رهيو هيس“ وغيره۔ اوهان کي خبر آهي؟ اهي اسلامي مزاج جا جملا نه آهن، هڪ مسلمان جي زبان تي اهي جملا بلڪل به نٿا ٺهن۔ اسان جو عقيدو آهي ته اسان کي مرڻو آهي، قبر جي هڪ وڏي زندگي آهي، پوءِ حشر ۾ اُٿڻو آهي، قيامت جو پنجاھ هزار سالن جو ڏينهن هوندو، تپندڙ زمين، باھ وسائيندڙ سج، قهر سامهون هوندو، هڪ پاسي جنّت، هڪ پاسي دَوزخ، هن حال ۾ اسان کي پنهنجي زِندگي جو حساب ڏيڻو آهي۔ هڪ اسٽوڊنٽ کي ٽن ڪلاڪن جو پيپر ڏيڻو هوندو آهي، ان جي لاءِ ڪيئي ڪيئي مهينا تياري ڪئي ويندي آهي پر هتي مُعَاملو ئي ابتو  آهي، حساب جي لاءِ پنجاھ هزار سالن جو ڏينهن ۽ تياري جي لاءِ اها مختصر زِندگي، اسان کي هن مختصر زِندگي ۾ پنجاھ هزار سالن جي ڏينهن جي لاءِ تياري ڪرڻي آهي، ڀلا اسان وٽ وقت ڪٿان کان هوندو، اسان جو هڪ هڪ منٽ قيمتي آهي، هڪ هڪ ساھ قيمتي آهي، اسان فارِغ ڪيئن ٿا ٿي سگھون؟ الله پاڪ قرآنِ مجيد ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا الْاِنْسَانُ اِنَّكَ كَادِحٌ اِلٰى رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلٰقِیْهِۚ(۶) (پاره30،سورۃالانشقاق:6)

ترجمو ڪنز الايمان: اي انسان بيشڪ توکي پنهنجي ربّ جي طرف ضرور ڊوڙڻو آهي پوءِ ان سان ملڻو آهي.

غور ڪريو! اسان جو هر ساھ اسان کي موت جي قريب ڪري رهيو آهي، اسان جي حِسَاب جو ڏينهن ويجھو کان ويجھو اچي رهيو آهي، اسان وٽ پهريان ئي وقت تمام گھٽ آهي، ويتر فارِغ رِهي اسان پاڻ کي ڪيئن ٿا تباھ ڪري سگھون؟ اعليٰ حضرت جا والِد، مولانا نقي علي خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل ڪن ٿا: قاضِي شُرَيح رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ جڳھ وٽان  لنگھي رهيا هئا، ٻن ماڻهن کي فُضُول ڪم ۾