Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

طاقت سان پيڊل گھمائيندو آهي، سائيڪل اُوتري تيز هلندي آهي، جڏهن ڪنهن شيء تي ان جي طاقت کان وڌيڪ بار وڌو ويندو ته اها سست پئجي ويندي آهي، اوهان لوڊر گاڏيون ڏٺيون هونديون، ٽرالي، ٽرڪ، ڪنٽينر وغيره، اوهان رستي تي جائِزو وٺو، ٽرالي، ٽرڪون وغيره خالي هجن ته تيز هلنديون آهن پر جڏهن لوڊ هجن ته انهن جي رفتار سست ٿي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن انهن کي اَووَر لوڊ ڪيو وڃي، جيڪو قانوني طور جُرم به آهي ته ان صُورت ۾ انهن گاڏين جي رفتار وڌيڪ سست ٿي ويندي آهي۔ اها ئي حالت انسان جي به آهي، اوهان پنهنجي طاقت جي مُطَابق پاڻ تي بار رکندؤ ته چست رهندؤ، سُستي اوهان کان پري رهندي پر جيئن ئي اوهان پنهنجو بار وڌيڪ ڪندؤ ته سست ٿي ويندؤ۔ تنهنڪري ڪڏهن به پاڻ کي فارِغ نه ڇڏيو پر ڪم ايترو ئي ڪريو جيتري اوهان جي طاقت آهي۔ مثال طور تي اوهان پنهنجي 24 ڪلاڪن مان 8 ڪلاڪ ننڊ جا ڪڍي وٺو، ڇوته عام حالت ۾ ايتري ننڊ ضروري آهي، جيڪڏهن اوهان پنهنجي ننڊ پوري نه ڪندؤ ته به سست ٿي ويندؤ۔ 8 ڪلاڪ ڪڍڻ کان پوءِ اوهان وٽ ڪل 16 ڪلاڪ باقِي بچيا، فرض ڪريو اوهان وٽ 8 ڪم آهن، هر ڪم تي 2 ڪلاڪ وقت لڳندو ته اوهان 16 ڪلاڪ ۾ 8 ڪم ئي ڪريو، انهن مان هڪ به ڪم نه ڇڏيو پر انهن 8 ڪمن کي 8 ئي رکو، جيئن ئي اوهان وڌيڪ ڪم پاڻ تي رکندؤ، جڏهن ته اوهان وٽ وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪو خالي وقت ناهي ته اوهان سست پئجي ويندؤ، نتيجي طور اوهان جا 8 ڪم به متاثر ٿي ويندا۔ تنهنڪري هميشه پنهنجو پاڻ تي اوترو ئي بار رکو جيترو اوهان کڻي سگھو ٿا، وڌيڪ کڻندؤ ته سست پئجي ويندؤ۔ صديقه بنتِ صديق، اُمُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه طيبه، طاهره رَضِیَ اللهُ عَنْهَا کان پڇيو ويو: اسان جا پيارا نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪهڙي ڪم کي وڌيڪ پسند ڪندا هئا؟ فرمايائون: مَا مَا دِیْمَ عَلَیْہِ وَ اِنْ قَلَّ  اهو ڪم جيڪو استقامت سان ڪيو وڃي چاهي گھٽ هجي۔

(ترمذی، کتاب الادب، باب:73، صفحہ:664، حدیث:2856)