Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

آهي، سُستي ختم ڪرڻ جي لاءِ نفس جي هن چال کي ناڪام بڻايو۔ ڪم نه ڪرڻ جا بهانا نه سوچيو، بلڪه ڪم ڪرڻ جون راهون ڪڍو ۽ ڪم نه ڪرڻ تي ڪڏهن به پاڻ کي تسلي نه ڏيو، هڪ مِثَال آهي: اوهان گھر ويٺل هئا، مسجد ۾ اذان ٿي، اوهان پاڻ کي تيار ڪيو ۽ نماز جي لاءِ نڪرڻ لڳا، اڃان بيٺا ئي هئا ته ڪچن مان آواز آيو: چانھ تيار ٿي رهي آهي، پي وڃجو۔ اوهان جي دل ۾ خيال ايندو: چانھ نه پي ويس ته چانھ ضايع ٿي ويندي، چانھ پيئڻ سان ننڊ اڏامي ويندي ته نماز چڱي طرح توجھ سان پڙھي سگھندس، ان ڪري چانھ پي وڃڻ گھرجي، اوهان ويهي رهيؤ، چانھ پي ٽائم ڏٺو ته جماعت ۾ ڪجھ منٽ باقِي هئا، هاڻي اوهان جلدي ٻاهر نڪتا،  رستي ۾ اوهان کي هڪ دوست مِلي ويو، هاڻي دِل ۾ خيال ايندو: ڪافي ڏينهن کان پوءِ دوست مليو آهي، ان کي وقت ڏيڻ ضروري آهي، مسلمان ڀاءُ سان سٺو سلوڪ ڪرڻ به نيڪي آهي اهو سوچي اوهان دوست سان گپ شپ ۾ مَصرُوف ٿي ويؤ، ايتري ۾ جماعت نڪر وئي، هاڻي نفس سُستي ڏياريندو: جماعت ته نڪري وئي هاڻي گھر ئي ۾ نماز پڙھي وٺو۔

هن مثال کي سامهون رکي غور ڪريو! اسان جي زِندگي ۾ بيشُمار اهڙا موقعا ايندا هوندا جو اسان اهڙين ننڍين فضول سببن جي ڪري اَهم ڪمن کان سُستي ڪندا رهون ٿا * رَشْ ۾ ڦاسي ويس * مٿي ۾ سور هو * مهمان اچي ويا * برسات ٿي رهي هئي * موسَم خراب هو * ڪڪر ڇانئجي ويا هئا وغيره وغيره هزارين قسمن جا بهانا اسان جو نفس اسان کي سيکاري رهيو هوندو آهي، ۽ گھڻي نقصان جي ڳالھ اها آهي جو ان کي سُستي ناهي سمجھيو ويندو، عام طور ماڻهو اهڙي صُورت ۾ پاڻ کي تسلي ڏيندا آهن، اي عاشقانِ رسول! ايئن نه ڪريو، نفس بهاني باز آهي، اوهان هن جا بهانا ٻڌي تسلي ڏيندؤ ته هي ويتر بگڙجي ويندو ۽ ڏينهو ڏينهن ان جي سُستي ۾ اِضَافو ئي ٿيندو، اهڙي صُورت ۾ پاڻ کي تسلي ڏيڻ جي بدران، ان کي ڇڙٻيو، پنهنجو پاڻ تي شرمندگي طارِي ڪريو، سوچيو! ڇا اهي بهانا اوهان کي ڪاميابي ڏياري سگھن ٿا؟ ڇا اهڙن ننڍن ننڍن سببن تي جيڪڏهن اوهان اَهم ڪم ڇڏي ڏنو يا انهن ۾