Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

سُستي ڪئي ته ڇا پنهنجي منزل ماڻي سگھندؤ؟

ياد رکو! الله پاڪ ڪا به شيء بي فائِده  ناهي بڻائي، هن دُنيا ۾ هر انسان جي هڪ قيمت آهي، ڪو  گورو آهي يا ڪارو، ننڍو آهي يا وڏو سڀ قيمتي آهن، اسان جي جان، اسان جو وقت گھڻو قيمتي آهي پر فيصلو اسان کي ئي ڪرڻو آهي ته اسان پنهنجي پاڻ جي، پنهنجي وقت جي ڪيتري قيمت وُصُول ڪيون ٿا، سستي ڪري، اڄ آرام ڪري آئنده ڪالھ جي ناڪامي ۽ شرمندگي خريد ڪيون ٿا يا اڄ مشقت کڻي ڪالھ جي ڪاميابي حاصِل ڪيون ٿا، هن جو فيصلو اسان کي ڪرڻو آهي۔ الحمد لله! اسان مسلمان آهيون، ڇا اوهان کي خبر آهي ته هڪ مسلمان جي، ان جي وقت جي قيمت ڇا آهي؟ جَنَّت...! جي ها! مسلمان جي قيمت جَنَّت آهي۔ سيپاري: 11، سورۂ توبه، آيت:111 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

اِنَّ اللّٰهَ اشْتَرٰى مِنَ الْمُؤْمِنِیْنَ اَنْفُسَهُمْ وَ اَمْوَالَهُمْ بِاَنَّ لَهُمُ الْجَنَّةَؕ-          

ترجموڪنز الايمان: بيشڪ الله مسلمانن کان سندن سندن مال ۽ جان خريد ڪري ورتا آهن هن بدلي ته انهن جي واسطي جنت آهي

مشهور صُوفِي بُزرگ، مولانا رُوم رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن آيت کي ذِڪر ڪري فرمائن ٿا: ڏسو! الله پاڪ توهان کي، توهان جي وقت کي، توهان جي جان کي، توهان جي مال ۽ ڪاروبار کي خريدي ورتو آهي، ته اهي شيون الله ڪريم جي راھ ۾ خرچ ڪيو ته توهان لاءِ هميشه رهڻ واري جنت آهي، مسلمانو! الله پاڪ وٽ توهان جي اهڙي قيمت آهي، جيڪڏهن (پنهنجو وقت گُنَاهن ۾ گذاري) پاڻ کي دوزخ جي بدلي وڪڻي ڇڏيو ته پنهنجي پاڻ تي ظُلم ڪرڻ وارا ٿيندؤ۔ (فیہ ما فیہ، صفحہ:8)

تُو بَہ قِیْمَت وَرَائے دَوْ جَہَانَے                                                                                   چِہْ کُنَمْ قَدْرِ خُوْد نَمِیْ دَانَے

مفهوم: توهان ٻنهي جھانن کان قيمتي آهيو، ڇا ڪجي جو توهان پنهنجي