Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

     مُفَسِّرِ شهير حڪيم الامت حضرت مفتي احمد يار خان عَـلَيْهِ رَحْـمَةُ الْـمَنَّان فرمائن ٿا ته هن مان معلوم ٿيو ته جيڪڏهن کاڌو کائڻ دوران ڪو اچي وڃي ته ان کي به کائڻ جي لاءِ سڏڻ سنت آهي، پر دِلي ارادي سان سڏي، ڪوڙي تواضُع (يعني صلاح) نه ڪري ۽ اچڻ وارو به ڪوڙ ڳالهائي هيئن نه چوي ته مونکي خواهش ناهي، ته جيئن بک ۽ ڪوڙ گڏجي نه وڃن.   بلڪ جيڪڏهن (نه کائڻ چاهي يا) کاڌو گھٽ ڏسي ته چـوي بَارَك اللهُ (يعـني الله پاڪ تو کي برڪت ڏي) هي به معلوم ٿيو ته سروَرِ ڪائنات، شاھِ موجودات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پنهنجون عبادتون نه لڪائڻ گھرجن، بلڪ ظاهر ڪيون وڃن ته جيئن حضور پُرنُور، شافعِ يومُ النُّشُور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان تي گواھ بڻجي وڃن، ۽ اهو ظاهر ڪرڻ رياء ناهي. (حضرت سيدنا بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي روزي جو ٻڌي ڪري جيڪو ڪجھ فرمايو ويو ان جي شرح هي آهي) ته يعني اڄ جي روزِي اسان ته پنهنجي هتي ئي کائي وٺون ٿا.  حضرت سيّدنا بلال رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ ان جي عِوَض جنّت ۾ کائيندا، اهو عوض (يعني بدلو) بهتر به هوندو ۽ زياده به، حديث بلڪل پنهنجي ظاهري معنيٰ تي آهي، واقعي ان وقت روزيدار جي هر هڏي ۽ جوڙ بلڪ رڳ رڳ تَسۡبِيح (يعني الله عَزَّوَجَلَّ جي پاڪي بيان) ڪندي آهي جنهن جو روزيدار کي پتو ئي ناهي هوندو، پر سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌندا آهن. (مراٰة ج 3 ص 202)

      مطالعو ڪيو هجي تڏهن به ٻئي رسالا (1) ڪـفـن جـي واپسـي ۽ رجب جون بهارون ۽ (2)  آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مهينو پڙهي ڇڏيو، ۽ پڻ هر سال شعبان المُعَظّم ۾ فيضان سنّت جو باب فـيـضـانِ رمـضـان ضرور پـڙهي ڇـڏيـنـدا ڪريو. ٿي سگهي ته عيدِ مِعراجُ النبيصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نسبت سان 127 يا 27 رسالا يا حسبِ توفيق فيضانِ رمضان به تقسيم فرمايو ۽ خوب خوب ثواب ڪمايو. تمام اسلامي ڀائرن سان بالعُمُوم ۽ جامعات المدينہ ۽ مدارس المدينہ جي جمله قاري صاحبان،