Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

استادن، ناظمن ۽ طالبن جي خدمت ۾ بالخصوص تڙپندڙ مدني عرض آهي ته براءِ ڪرم! (منهنجي جيئري ۽ مرڻ کان بعد به) زڪوٰة، فطرو، قرباني جون کلون ۽ ٻيا مدني عطيات جمع ڪرڻ ۾ اڳتي وڌي ڪري حصو وٺندا ڪريو. (اسلامي ڀينرون ٻين اسلامي ڀينرن ۽ مَحارِم کي ترغيب ڏيارين)

خدا جو قسم! مون کي انهن استادن ۽ شاگردن جي باري ۾ ٻڌي ڪري تمام گھڻي خوشي ٿيندي آهي جيڪي پنهنجي ڳوٺ يا شهر ۾ وڃڻ جي خواهش کي قربان ڪري رمضان المبارڪ جو مهينو جامعات ۾ گذاريندا آهن ۽ پنهنجي مَجلس جي هدايتن جي مطابق چندي جي بستن تي ذميداريون سنڀاليندا آهن. جيڪي استاد ۽ شاگرد بغير ڪنهن عذر جي صرف سُستي يا غفلت جي سبب عدمِ دلچسپي جو مظاهرو ڪندا آهن انهن جي سبب کان منهنجي دل ڏکندي آهي.

 

خصوصي مدني گُل: جيڪي اسلامي ڀاءَ يا اسلامي ڀيڻ چندو جمع ڪرڻ چاهن ٿا انهن  کي چندي جا ضروري احڪام معلوم هجڻ فرض آهن، تاڪيد سان عرض آهي ته جيڪڏهن پڙهي چڪا آهيو تڏهن به دعوت اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 107 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”چندي جي باري ۾ سوال جواب“ جو ٻيهر مطالعو فرمايو. يا الله عَزَّوَجَلَّ رمضان المبارڪ ۾ چندي ۽ عيد الاضحيٰ ۾ کلن جي لاءِ ڪـوشش ڪري جيڪـي عاشقانِ رسول منهنجي دل خوش ڪندا آهن تون انهن کان هميشه هميشه جي لاءِ راضي ٿي وڃ ۽ انهن جي صدقي مون پاپي ۽ بدڪار، گناهگارن جي سردار کان به هميشه جي لاءِ راضي ٿي وڃ .

ياالله عَزَّوَجَلَّ! جيڪي اسلامي ڀاءُ يا اسلامي ڀيڻ (عذر نه هجڻ جي صورت ۾) هر