Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

Book Name:Susti-o-Kahili Say Nijat Kasay Milay

(Remote Control) هجي * پکو، لائٽ وغيره اُٿي بند ڪرڻ، هلائڻو نه پوي * هاڻي ته دروازا به سَينسَر سان کلڻ، بند ٿيڻ وارا اچي ويا آهن، هٿ سان دروازو کولڻ، بند ڪرڻ جي تڪليف به پسند ناهي  * دِيني ڪمن ۾ سُستي * نمازن ۾ سُستي * عِلمِ دين سکڻ ۾ سُستي * قرآن پڙھڻ ۾ سُستي * سنتون اپنائڻ ۾ سُستي * قرض موٽائڻ ۾ سُستي۔ هر هنڌ سُستي، سُستي ۽ سُستي ڀريل آهي ۽ مُعَاشَري کي ڏينهون ڏينهن زوال جي اونهي کڏ ۾ ڌڪيندي پئي وڃي۔ ياد رکو! سُست ۽ راحَت پسند انسان ڪڏهن ڪامياب نٿو ٿي سگھي۔

منظر چمنستاں کے زیبا ہوں کہ نازیبا                    مَحْرُومِ عَمَل نرگِس، مَجْبُورِ تماشا ہے

 مفهوم: مُعَاشرو ترقي ڪري يا تَنَزُّلي جو شِڪار ٿئي، ڪو ڪامياب ٿئي يا ناڪام ٿئي، جيڪو ڪم ناهي ڪندو، سُستي جو شِڪار رهندو آهي اهو صِرف ويهي تماشو ڏسي سگھي ٿو، تبصرا ڪري سگھي ٿو، ۽ ٻيو ڪجھ نٿو ڪري سگھو۔

پيارا اسلامي ڀائرو! افسوس! اڄڪلھ مستحبات ته مستحبات فرائض ۽ واجبات جي ادائيگي ۾ به ڪڏهن ڪڏهن سُستي نَظَر ايندي آهي جڏهن ته فرائض ۽ واجبات جي ادائيگي ۾ سُستي جو مُظاهرو مُنَافِقن جي نشاني آهي۔ جيئن پنج وقت نماز جي باري ۾ قرآنِ ڪريم ۾ آهي:

اِنَّ الصَّلٰوةَ كَانَتْ عَلَى الْمُؤْمِنِیْنَ كِتٰبًا مَّوْقُوْتًا(۱۰۳) (پ۵، النسآء: ۱۰۳)   

ترجموڪنز الايمان: بيشڪ نماز مسلمانن تي وقت مقرر ڪيل فرض آهي۔

خبر پئي ته هر نماز جو هڪ خاص وقت مُقَرَّر آهي، جنهن جو خَيال رکڻ لازِمي ۽ ضروري آهي، جيڪي ماڻهو ان وقت جو خيال نٿا رکن يا ادائيگي ۾ سُستي جو مُظاهرو ڪن ٿا، ان جي باري ۾ ارشاد آهي: