Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

پيارا اسلامي ڀائرو! خبر پئي ته نماز سفرِ معراج جو تمام پيارو تحفو آهي۔

اُمّتِ مصطَفٰي سان موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام جي همدردي

شهنشاھ مدينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ عاليشان آهي: الله پاڪ منهنجي اُمت تي 50 نمازون فرض ڪيون هيون۔ جڏهن مان مُوسيٰ (عَلَيۡهِ السَّلام) وٽ موٽي آيس ته مُوسيٰ (عَلَيۡهِ السَّلام) پڇيوته الله پاڪ اوهان جي اُمَّت تي ڇا فَرض ڪيو آهي؟ مون انهن کي ٻڌايو ته الله پاڪ مون تي 50 نمازون فرض ڪيون آهن۔ تنهن تي پاڻ عَلَيۡهِ السَّلام  چيو: پنهنجي ربّ وٽ موٽي وڃو، اوهان جي اُمَّت ايتري طاقت نٿي رکي۔ مان موٽي الله پاڪ وٽ ويس، انهن (يعني 50) مان ڪجھ حصو گھٽ ڪيو ويو۔ جڏهن ٻيهر مُوسيٰ (عَلَيۡهِ السَّلام) وٽ موٽي آيس ته انهن مون کي ٻيهر موٽايو۔ الله پاڪ فرمايو: چڱو 5 آهن ۽ پنجاھ 50 جي قائم مقام آهن ڇاڪاڻ ته اسان جي قول ۾ تبديلي ناهي ٿيندي۔ مان مُوسيٰ (عَلَيۡهِ السَّلام) وٽ موٽي آيس۔ اُنهن چيو: ٻيهر الله پاڪ وٽ موٽي وڃو۔ مون جواب ڏنو مون کي ته پنهنجي ربّ سان شَرم محسوس ٿيڻ لڳو آهي۔ (ابن ماجہ، کتاب اِقامَۃُ الصَّلاۃ، صفحہ:226، حدیث:1399)

حضرت سيدُنا اَنس رَضِىَ اللهُ عَنْه جن فرمايو: سرورِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي معراج جي رات پنجاھ نمازون فرض ڪيون ويون، پوءِ گهٽ ڪيون ويون، ايستائين جو پنج رهجي ويون، پوءِ آواز ڏنو ويو: اي محبوب(صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ)! اسان جي ڳالھ ناهي بدلجندي ۽ اوهانجي لاءِ ان پنج جي بدلي ۾ پنجاھ نمازن جو ثواب آهي۔ (ترمذی، ابواب الصلاۃ، صفحہ:70، حدیث:213۔)

اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! حضرت سيدُنا موسيٰ ڪليمُ الله عَلَيۡهِ السَّلام پنهنجي وفاتِ ظاهري جي اڍائي هزار سالن کان پوءِ اُمتِ مصطَفٰي جي اها مدد فرمائي جو شبِ معراج ۾ پنجاھ نَمازن جي بدران پنج ڪرائي ڇڏيون۔ الله پاڪ کي خبر هئي ته نمازون پنج رهنديون پر پنجاھ مقرر فرمائي ٻيهر ٻن(2) پيارن جي ذَريعي سان پنج مقرر ڪيون۔ هتي دلچسپ ڳالھ اها آهي ته جيڪي ماڻهو