Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

اللہ کی عنایت                           مرحبا           معراج کی عظمت                    مرحبا

براق کی قسمت                           مرحبا           براق کی سُرعَت                      مرحبا

اقصیٰ کی شوکت                         مرحبا           نبیوں کی امامت                       مرحبا

آقا کی رِفعت                            مرحبا        آسماں کی سیاحت                   مرحبا

مکینِ لا مکاں کی عظمت              مرحبا           چشمانِ نبوت                          مرحبا

 صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

غَير مُسلِم جو قبول اسلام

رِوايت آهي ته سَفَرِ مِعراج تان واپسي کان پوءِ، ٻي ڏينهن سرڪارِ عالي وقار، مڪي مديني جا تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ گھران ٻاهر تشريف وٺي آيا ته هڪ ٻانهيءَ کي ڏٺائون جيڪا ڪلهي تي اٽي جو ٿيلهو کنيو، روئيندي وڃي رهي هئي، غمخَوار نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان اهو نه ڏٺو ويو پاڻ ويجھو وڃي روئڻ جو سبب پڇيو، ويچاري غم جي ماريل روئندي چيو: مان فلاڻي غير مسلم جي ٻانهيء آهيان، منهنجي مالِڪ مون کي چڪي تي اٽو پيسڻ  جي لاءِ موڪليو، مان بيمار آهيان، پنڌ هلڻ ڏکيو آهي، ان ڪري مون کي دير ٿي وئي، هاڻي ڊڄان ٿي ته منهنجو مالِڪ مون کي تڪليف ڏيندو۔

عرش تي وڃڻ واري آقا، رَبّ جو ديدار ڪرڻ واري آقا، ٻنهي جھانن جي داتا
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان ان لاچار ٻانهيءَ جو غم نه ڏٺو ويو، يڪدم اٽي جو ٿيلهو کڻي پنهنجي مُبَارَڪ ڪلهن تي رکي فرمايو: مون سان گڏ هل! مان تنهنجي سِفَارش ڪندس۔ سرڪارِ نامدار، مڪي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان غير مسلم جي گھر پهتا، دروازو کڙڪايو، غير مسلم ٻاهر آيو ته سَيدالمرسلين، مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پنهنجي دروازي تي ڏسي حيران ٿي ويو ۽ حيرت وچان چيائين: اي