Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

جڏهن سرڪارِ عالي وقار، مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مختلف بادشاهن کي خط لکي اسلام قبول ڪرڻ جي دَعوَت ڏني ته هڪ خط هِرَقَل بادشاھ ڏانهن به موڪليو، هرَقَل انجيل مقدس ۾ نبي آخِرُ الزّمان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا وصف پڙهيا هئا، جڏهن ان کي خط مليو ته ان تحقيق ڪرڻ چاهي ته ڏسون هي اهو ئي نبي آهي جن جو ذِڪر انجيل ۾ آيل آهي يا ڪو ٻيو آهي۔ پوءِ ان ڪجھ پوليس اَهلڪارن کي چيو: بازار وڃو ۽ عرب مان ايندڙ ڪنهن واپاري کي ڳولي وٺي اچو! پوليس اَهلڪار بازار پهتا، اِتِّفاق سان انهن کي حضرت ابوسفيان رَضِىَ اللهُ عَنْه ملي ويو۔

حضرت ابو سفيان رَضِىَ اللهُ عَنْه جنّتي صحابي حضرت امير مُعَاوِيه رَضِىَ اللهُ عَنْه جو والِدِ محترم آهي، سندن هڪ نياڻي ”اُم المؤمنين حضرت اُمِّ حبيبه رَضِىَ اللهُ عَنْها نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي نِڪاح ۾ هئي، بيشَڪ حضرت ابو سفيان رَضِىَ اللهُ عَنْه پاڻ به جنّتي صَحابي آهن، پر اُن وقت  پاڻ اسلام قبول نه ڪيو هو، ان فتح مڪه واري رات اِيمان آندو هو، ان کان پهريان سندن شمار اِسلام جي سخت ترين دُشمنن ۾ هو، پوءِ پوليس اَهلڪار کين کي هِرَقَل بادشاھ جي درٻار ۾ وٺي آيا، هاڻي بادشاھ حضرت ابوسفيان رَضِىَ اللهُ عَنْه کان رَسُولِ خُدا، اَحمَد مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي باري ۾ ڪجھ سوال ڪيا، حضرت ابوسفيان رَضِىَ اللهُ عَنْه ان وقت تائين مسلمان نه ٿيا هئا، ان ڪري چاهيو ته ڪهڙي نموني بادشاھ جي نظرن ۾ رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مَعَاذ الله! عِزَّت گھٽائي وڃي پر ڪوڙ به ڳالهائي نٿي سگھيا جو بادشاھ جي اڳيان ڪوڙ ڳالهائڻ سان جان خطري ۾ پئجي سگھي ٿي، ان ڪري ان بادشاھ جي سمورن سُوالن جا صحيح جواب ڏنا۔ حضرت ابوسفيان رَضِىَ اللهُ عَنْه جي زباني پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا وصف ٻڌي بادشاھ کي يقين ٿي ويو ته هي اهي ئي نبي آهن، جن جي آمد جي خوشخبري حضرت عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام ڏني هئي، حضرت ابوسفيان اڃان به سوچي رهيو هو ته آخر ڪهڙي طرح بادشاھ جي نظر ۾ مُحَمَّد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جي عِزَّت گھٽائي وڃي (مَعَاذَ الله)، پوءِ اوچتو ان کي مِعراج جو واقعو ياد آيو،