Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

چيائين: اي بادشاھ! هڪ ڳالھ آهي، ان کي ٻڌندي ئي اوهان کي خبر پئجي ويندي ته مُحَمَّد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ معاذ الله!) ڪوڙا آهن۔ بادشاھ چيو: ٻڌاء! اها ڪهڙي ڳالھ آهي؟ چيائين: مُحَمَّد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جو چوڻ آهي ته هو هڪ ڏينهن رات جي وقت مڪه مڪرمه کان هليا ۽ مسجدِ اَقصيٰ پهتا، پوءِ انهيء رات صبح ٿيڻ کان پهريان پهريان مسجدِ اَقصيٰ کان واپس مڪه مڪرمه به پهچي ويا۔ بَس ايترو ٻڌڻ هو جو بادشاھ ويجھو ويٺل هڪ پادري چيو: بادشاھ سلامت! مان ان رات جي باري ۾ ڄاڻان ٿو۔

بادشاھ پادري تي هڪ تِکي نگاھ وجھي حيرت مان پڇيو: توهان هن باري ۾ ڇا ٿا ڄاڻو؟ پادري چيو: عاليجاھ! منهنجو مَعمُول آهي، مان هر رَات جو مسجدِ اَقصيٰ جا دروازا بند ڪري سمهندو آهيان ، هڪ ڏينهن جڏهن مان دروازا بند ڪري رهيو هئس، هڪ دروازو سڄو زَور لڳائڻ جي باوُجود به خبر ناهي ڇو بند نه پئي ٿيو، مون مسجد ۾ مَوجُود ماڻهن کي مدد جي لاءِ گھرايو، پوءِ اسان سڀني گڏجي زور لڳايو پر اهو دروازو هو يا جبل، اسان سڀني جي سڄي ڪوشش جي باوُجود بند ٿيڻ ته رهيو پري پر ان دروازي معمولي حرڪت به نه ڪئي، آخر اسان واڍي کي گھرايو، ان به پنهنجي پُوري ڪوشش ڪئي پر دروازو پنهنجي هنڌان بلڪل به چُري نه سگھيو، ٿڪجي اسان دروازو ائين کليل ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي پنهنجي گھر هليا وياسين، صبح جڏهن مان مسجد پهتس ته وڏي حيراني ٿي ته رات جو دروازو بلڪل به نه چري رهيو هو، هاڻي آساني سان کلي به رهيو هو ۽ بند به ٿي رهيو هو، هڪ ٻي عجيب ڳالھ اها جو دروازي سان گڏ هڪ پٿر ۾ سُوراخ به هو ۽ اتي جانور جي رَسِّي ٻڌڻ جا نشان به مَوجُود هئا، مون ڪجھ آسماني ڪتابن ۾ پڙھيو هو ته الله پاڪ جا آخري نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ رات مَسجدِ اَقصيٰ ۾ تشريف وٺي ايندا ۽ انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلام جي اِمامت ڪرائيندا، دروازي جو حيرت انگيز معاملو، پٿر ۾ سُوراخ ۽ اتي رَسِّي جا نشان ڏسي مان سمجھي ويس ته ضرور رات اهو دروازو قُدرت اُن نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ئي جي لاءِ کليل رکيو هو، يقيناً رات هو مسجدِ اقصيٰ ۾ تشريف