Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

فرما ٿيا آهن ۽ هتي نماز ادا فرمائي اٿن، مون اها ڳالھ پنهنجي ساٿين کي به ٻڌائي، لِهٰذا اَبُو سفيان جنهن ڳالھ کي ڪوڙ چئي رهيو آهي، مان ۽ جيڪي مون سان گڏ هئا اهي هن ڳالھ جي سچائي جا شاهد آهن۔([1])

الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول! معلوم ٿيو ته اسان جي آقا ۽ موليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سَفَرِ مِعۡراج جو ذِڪر اڳوڻن آسماني ڪتابن ۾ به تفصيل سان ڪيو ويو هو ۽ مَاشَآءَالله! ماھِ نبوت، شهنشاھِ صَدَاقت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو صداقت ڀريو شان ڏسو! پنهنجا ته پنهنجا پَراوا به پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سَچّي هئڻ جي شاهدي ڏئي رهيا آهن۔ سُبۡحٰنَ الله!

 

اللہ کی عنایت                           مرحبا           معراج کی عظمت                    مرحبا

آقا کی رِفعت                            مرحبا        آسماں کی سیاحت                   مرحبا

 صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مِعرَاج ڇا آهي؟

مِعرَاج، مصطفيٰ جانِ رَحمَت، شَمۡعِ بَزمِ هدَايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو هڪ سَفَر آهي بلڪه قرآنِ ڪريم مڪي شريف کان مَسجِدِ اَقصيٰ تائين وڃڻ کي سَير فرمايو آهي، ارشاد ٿئي ٿو:

سُبْحٰنَ الَّذِیْۤ اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ لَیْلًا مِّنَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ اِلَى الْمَسْجِدِ الْاَقْصَا  (پ 15:بني اسرائيل: 1)

ترجمو ڪنزالايمان: پاڪائي آهي ان کي جيڪو پنهنجي ٻانهي کي راتو رات وٺي ويو مسجد حرام کان مسجد اقصي تائين.

هن آيت ۾ لفظ ” اَسۡرٰي “ استعمال ٿيو آهي جيڪو ”سَير“ مان نڪتو آهي۔


 

 



[1]...خصائص کبری، جلد:1، صفحہ:280-282خلاصۃً۔