Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

الله اڪبر! جڏهن سَيۡر جو عالَم اهو آهي ته تيز رَفتاري سان سَفَر جو عالَم ڇا هوندو؟ اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

شانِ خدا! نہ ساتھ دے، ان کے خرام کا وہ باز

سِدْرَہ سے تا زمیں جسے نَرْم سِی اِک اُڑان ہے

 شعر جو مفهوم: نَرم نرم قدمن سان، ناز وانداز سان هلڻ کي خرام چوندا آهن، سيدي اعليٰ حضرت فرمائي رهيا آهن: مِعراج جي رات سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ته خِرَام فرمائي رهيا هئا، نرم نرم قدمن سان ناز ۽ انداز سان جيئن گھوٽ هلندو آهي، اهڙي طرح هلي رهيا هئا پر خُدا جو شان ڏسو! ان جي باوُجُود اهو شهباز يعني حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلام جيڪو گھڙي کن جي معمولي اُڏام ۾ سِدرَه کان زمين تي، زمين کان سِدرَه تي پهچي ويندا آهن، جن جي پنهنجي اُڏام اهڙي ڪمال جي آهي، اهو مصطفيٰ جانِ رَحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ هلڻ جو ساٿ نه ڏئي سگھيو، جيڪڏهن حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي نوراني ۽ نَبوِي پرواز فرمائن ها ته پوءِ رفتار جو عالَم ڇا هجي ها؟

اللہ کی عنایت                           مرحبا           معراج کی عظمت                    مرحبا

براق کی قسمت                           مرحبا           براق کی سُرعَت                      مرحبا

اقصیٰ کی شوکت                         مرحبا           نبیوں کی امامت                       مرحبا

آقا کی رِفعت                            مرحبا        آسماں کی سیاحت                   مرحبا

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

   پيارا اسلامي ڀائرو! مِعۡرَاج شريف کي عام طور معجزو چيو ويندو آهي، بلڪل اهو عظيمُ الشَّان ۽ عقل کي حيرت ۾ وجھندڙ معجزو آهي پر حقيقت اها آهي