Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

جو مِعۡرَاج شريف صِرف هڪ معجزو نه آهي بلڪ ڪيئي معجزن جو مجموعو آهي۔ اچو! مِعرَاجِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ پيش ايندڙ ڪجھ معجزا ٻڌي دِل ۾ عشقِ مصطفيٰ وڌائڻ جي ڪوشش ڪيون ٿا۔

(1-2): وَقت ۽ فاصلي جو گھٽجي وڃڻ

مِعۡرَاج واري واقعي جي ضِمن ۾ عالم سڳورا ٻه لفظ اِستعمال ڪن ٿا: (۱):طَيۡ زمان ۽ (۲):طَيۡ مڪان۔ طَيۡ زمان جي معني آهي: ڪيئي سالن جي عرصي جو ڪجھ لمحن ۾ گھٽجي وڃڻ ۽ طَي مڪان جي معني آهي: ڪيئي ڪلوميٽر جي فاصلو جو گھٽجي بلڪل گھٽ ٿي وڃڻ۔

امير المؤمنين، مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جي ڪرامت وڏي مشهور آهي ته پاڻ گھوڙي تي سُوار ٿيڻ وقت هڪ رڪاب ۾ پير رکندا هئا ته سُوره فاتحه کان قرآنِ ڪريم جي تِلاوت شروع ڪندا هئا ۽ گھوڙي جي مٿان سُوار ٿي ٻي رڪاب ۾ پير رکڻ تائين سوره وَالنَّاس تائين سڄو قرآنِ ڪريم تِلاوت ڪري وٺندا هئا.([1]) جڏهن ته عَام حالتن ۾ هڪ حافِظ مَخَارِج جو خيال رکي قرآنِ ڪريم جي تِلاوت ڪري ته سڄو قرآنِ ڪريم مڪمل پڙھڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 کان 12 ڪلاڪ لڳن ٿا پر امير المؤمنين حضرت علي رَضِىَ اللهُ عَنْه جو اهو شان آهي جو 10 کان 12 ڪلاڪن جو ڪم ڪجھ سيڪنڊن ۾ ڪري وٺندا هئا، اهو طَي زمان (يعني وقت گھٽجڻ) جو مثال آهي۔

اهڙي طرح قرآنِ ڪريم ۾ ملڪه بلقيس جي تخت جو واقعو بيان ٿيو ته ملڪه بلقيس الله پاڪ جي نبي حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلام جي خِدمت ۾ حاضِري جي لاءِ مُلڪ سَبَاء کان هلي، حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلام کي ان جي خبر ملي ته پنهنجي دربارين کي فرمايائون:


 

 



[1]...شواہد نبوۃ، صفحہ:280.