Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

تي ويهندو هو، 70 هزار ملائڪ ان جي چوڌاري صَف بڻائي بيٺل رهندا هئا، اهو جڏهن ساھ کڻندو هو ته الله پاڪ ان جي ساھ جي بدلي هڪ ملائڪ پيدا ڪندو هو پر اڄ اهو ئي ملائڪ ڪوھ قاف جي وادي ۾ پريشان حال، ۽ زارو قطار روئي رهيو هو، مون ان کان پڇا ڪئي: ڪهڙو حال آهي؟ توسان ڇا مُعَاملو ٿيو؟ ملائڪ چيو: مِعراج جي رات جڏهن الله پاڪ جا حبيب، دلين جا طبيب
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجي ويجھو کان گذريا ته مون پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم ۽ تڪريم جي پرواھ نه ڪئي، الله پاڪ کي منهنجي اها ڳالھ پسند نه آئي، ان ڪري مون کي ان جي سزا ڏني وئي ۽ ان بلندي کان هتي لاٿو ويو۔ پوءِ ان مون سان درخواست ڪئي: اي جبريل! الله پاڪ جي بارگاھ ۾ منهنجي سِفَارش ڪر ته جيئن الله پاڪ منهنجي خطا معاف فرمائي۔

يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون الله پاڪ جي بارگاھ ۾ نهايت عاجزي سان ان جي مُعَافِي جي درخواست ڪئي ته اِرشاد ٿيو: اي جبريل! ان ملائڪ کي ٻڌائي ڇڏ! جيڪڏهن هي مُعَافِي چاهي ٿو ته منهنجي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي دُرود پڙھي.

يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون جيئن ان ملائڪ کي ٻڌايو ته اهو يڪدم اوهان جي بلند مرتبه ذات تي درود پڙھڻ ۾ مشغول ٿي ويو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ان جا وار ۽ پَر نڪرڻ شروع ٿيا ۽ اهو اُڏامي آسمان جي بلندين ۾ وڃي پهتو۔ (جامع صَغِیر ، صفحہ:557، حدیث : 9326)

دُکھوں نے تم کو جو گھیرا ہو تو درود پڑھو!                                                  جو حاضِری کی تمنا ہو تو درود پڑھو!

 

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد