Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

یٰۤاَیُّهَا الْمَلَؤُا اَیُّكُمْ یَاْتِیْنِیْ بِعَرْشِهَا  (پاره19،سورۃالنمل:38)

ترجمه ڪنز الايمان: سليمان فرمايو؛  توهان ۾ ڪير آهي جيڪو ان جو تخت مون وٽ کڻي اچي؟

حضرتِ آصَف بن برخيا رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جيڪو حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلام جو وزير هو، اهو اِسمِ اعظم ڄاڻندو هو، ان  عرض ڪيو:

اَنَا اٰتِیْكَ بِهٖ قَبْلَ اَنْ یَّرْتَدَّ اِلَیْكَ طَرْفُكَؕ-     (پاره19،سورۃالنمل:40)

ترجمو ڪنز الايمان: مان ان کي حاضر ڪندس حضور ۾ اک ڇنڀ کان اڳ.

پوءِ حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلام اکيون بند ڪري کوليون ته تخت سامهون موجود هو، سوين ميل پري کان اک ڇنڀ ۾ ملڪه بلقيس جو وزني تخت کڻي حضرت سليمان عَلَيۡهِ السَّلام جي خِدمت ۾ پيش ڪرڻ، اهو طَي مڪان (يعني فاصلو گھٽجڻ) جو مثال آهي۔

سَفَرِ مِعرَاج شريف ۾ سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان انهن ٻنهي معجزات يعني طَي زمان (وقت جي گھٽجڻ) ۽ طَي مڪان (فاصلي جي گھٽجڻ) جو ظُهور ٿيو۔ اندازو ڪريو! سائنسي تحقيق جي مُطَابِق ان وَقت تائين ڪائنات ۾ سڀ کان تيز رفتار شيء ”روشني“ آهي۔ روشني هڪ سيڪنڊ ۾ 3 لک ڪلوميٽر جو فاصلو طَي ڪري ٿي ۽ سج جي روشني کي زمين تائين پهچڻ ۾ 8.3 منٽ لڳن ٿا، يعني سج کان زمين تائين 14 ڪروڙ 94 لک ڪلوميٽر جو فاصلو آهي، پوءِ سج اڃا پهرين آسمان کان به هيٺ آهي، سيدي اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: زمين کان سِدرةُ المنتهيٰ جو فاصلو 50 هزار سال جي راھ آهي، ان کان اڳيان مُسۡتَويٰ، ان کان بعد کي الله پاڪ ڄاڻي، ان کان اڳتي عرش جا 70 حجابات آهن، هر حجاب کان ٻي حجاب تائين 500 سال جو فاصلو آهي،([1])


 

 



[1]...ملفوظات اعلی حضرت، صفحہ:439۔