Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

وئي ۽ هر شيء ٻيهر چُرپُر ڪرڻ لڳي۔

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مِعراج شريف بابت وَسوَسي جو علاج

شيخ شهاب الدين سهروردي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: شيخ ابنِ سڪينه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هڪ مُريد هو، ان جو ڪم هي هو ته هو صوفياءِ ڪرام جا مُصَلا کڻي وڃي جامع مسجد ۾ وڇائيندو  هو، جڏهن نمازِ جمعه ٿي ويندي هئي ته انهن مُصَلّن کي هو خانقاھ ۾ کڻي ايندو هو۔ ان مُريد صاحب کي سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سفرِ معراج شريف بابت وسوسا ايندا هئا۔ هڪ ڀيري جمعي جو ڏينهن هو، نمازِ جمعه کان پوءِ ان جي گھر ڪجھ مهمانن کي اچڻو هو، ان ڪري هُن مهمانن جي کائڻ جي لاءِ بازار مان مڇي خريد ڪئي، گهر واري کي ڏئي پَچائڻ جو چيائين، پاڻ صُوفي سڳورن جا مُصَلّا کڻي جامع مسجد ڏانهن هلڻ لڳو، واٽ ۾ درياءِ دجله جي ويجھو کان گذرڻ ٿيو، سوچيائين اڃا ڪافي وقت آهي، ڇو نه غسل ڪيو وڃي، ڪپڙا لاهي ڪناري تي رکي پاڻي ۾ ٽٻي لڳائي، مٿو کنيائين ته عجيب منظر هو جو اتي نه دجله آهي، نه ڪپڙا آهن، اها جڳھ ڪا ٻي ئي هئي، پردي جو اهتمام ڪري دريا مان ٻاهر نڪتو، ماڻهن کان پڇا ڪيائين: هي ڪهڙي جڳھ آهي؟ جواب مليو: هيءَ مصر آهي۔ گھڻو تعجب ۾ پئجي ويو، ته ٽٻي لڳائي هئي بغداد ۾، نڪتو آهيان مِصر مان۔ خير! آبادي ڏانهن ويو، هڪ سُوناري (سون Gold جو ڪم ڪرڻ واري) جي دُڪان تي پهتو، پاڻ به سُونارو هو، ان ڪري سُوناري سان واقفيت ڪئي، پوءِ ان دُڪان تي ڪم ڪرڻ لڳو، دُڪان جي مالِڪ ڪجھ عرصي کان پوءِ پنهنجي نياڻي جي شادِي ان سان ڪري ڇڏي، اهو شخص مِصر ۾ 7 سال رهيو، ان دوران 3 ٻار به ٿيا، 7 سال کان پوءِ هڪ ڏينهن وهنجڻ جي ارادي سان ڪنهن تلاء ۾ ٽٻي هڻي مٿو کنيو ته پاڻ کي درياءِ دجله ۾ انهيء هنڌ ڏٺائين جتي 7 سال پهريان وهنجڻ جي لاءِ ٽٻي ڏني هئي، ڪپڙا به اتي رکيل آهن، صُوفي سڳورن