Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

جا مُصَلّا به موجود آهن، تمام گھڻو تعجب ٿيو ته آخر اهو ماجرو ڇا آهي؟ جلدي مان ڪپڙا پائي، مصلا کڻي، جامع مسجد پهتو، نمازِ جمعه ادا ڪري، گھر پهتو، ڏٺائين ته زوجه محترمه مڇي پچائي چڪيون آهن، ڪجھ ئي دير ۾ دوست به اچي ويا، في الحال ته هي خاموش رهيو، دوستن سان گڏ دعوت ۾ شريڪ ٿيو، فارغ ٿي پنهنجي پِير صاحب شيخ ابنِ سڪينه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت ۾ حاضِر ٿي سڄو واقعو عرض ڪيائين: پِير صاحب فرمايو: ڇا توهان جي دِل ۾ ڪو وسوسو ايندو هو؟ چيائين: جي ها! مون کي معراج جي باري ۾ وسوسو ايندو  هو ته ايترو ڊگھو سَفَر ايتري گھٽ وقت ۾ حُضُورِ اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيئن طَئي ڪري ورتو؟ شيخ اِبنِ سڪينه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جن فرمايو: اها تو تي الله پاڪ جي مهرباني آهي ته اُن توهان جي وَسوسي کي پري ڪري ڇڏيو ۽ توهان جي ايمان جي حفاظت فرمائي، هاڻي وڃ! مِصر مان پنهنجي ٻارن ٻڇن کي وٺي اچ! ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! شيخ اِبنِ سڪينه رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو هو مُرِيد نيڪ شخص هو، صُوفي سڳورن جي خِدمت ڪندو هو، ان کي پِيرِ ڪامِل جو فيضان نصيب ٿيو، مِعۡرَاجِ مصطفيٰ جي حوالي سان ان کي جيڪي وسوسا ايندا هئا، الله پاڪ پنهنجي ڪرم سان پنهنجي قُدرت جي نشاني ڏيکاري ان جي وسوسن جي ڪاٽ فرمائي ۽ ان کي گمراهي کان بچائي ورتو، نه ته خبر ناهي کوڙ ماڻهو ان طرح جي وسوسن جو شِڪار ٿي گمراھ ٿي ويندا آهن۔ اڄڪلھ اهو ”ايمان برباد ڪندڙ“ مرض به ڏينهو ڏينهن وڌي رهيو آهي، کوڙ ماڻهن جي عادَت هوندي آهي ته انبياءِ ڪرام عليهم السلام جي معجزن ۽ اولياءِ ڪرام جي ڪرامتن کي عقل سان توريندا آهن، جڏهن انهن جو عقل ڪم ناهي ڪندو ته معجزن ۽ ڪرامتنجي باري  اُبتيون سُبتيون تاويلون ڪندا آهن، يا مَعَاذَ الله! بلڪل ان جو اِنڪار ئي ڪري ڇڏيندا آهن۔ الله پاڪ جي پناھ! الله پاڪ جي پناھ...! شيخِ طريقت، امير اهلسنت دامت برڪاتهم العاليه فتاويٰ رضويه شريف جي حوالي


 

 



[1]...تحفۂ معراج النبی، صفحہ:128.