Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

سان فرمائن ٿا: معجزات کي مطلقاً غلط ٻڌائڻ وارو ڪافِر آهي۔

(کفریہ کلمات کے بارے میں سوال جواب، صفحہ:244)

الله پاڪ اسان کي اهڙي اُبتي عقل کان بچائي ۽ اهڙن ماڻهن کان به پنهنجي پناھ ۾ رکي۔ انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلام جو معجزو هجي يا اولياءِ ڪرام جي ڪرامت، اهي ٻئي ئي الله پاڪ جي قُدرت جون نشانيون آهن جيڪي الله پاڪ جي حڪم سان، ان جي ٻانهن جي ذريعي ظاهر ٿينديون آهن ۽ الله پاڪ هر شيء تي قادِر آهي، لهٰذا الله پاڪ ئي جي ڏنل طاقت سان انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلام کان معجزات به ظاهر ٿيندا آهن ۽ اولياءِ ڪرام کان ڪرامتن جو به ظُهور ٿيندو آهي، اسان جو ڪم انهن تي يقين رکڻ، اکيون بَند ڪري ايمان آڻڻ آهي، اها ئي اَصل عقل مندي آهي۔

ایماں پہ ربِّ رحمت، دیدے تُو استقامت

دیتا ہوں واسطہ میں تجھ کو تیرے نبی کا

 صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

شَبِ مِعراج جَنّت ۽ جهنّم جا مُشَاهدا

سفرِ مِعۡرَاج شريف جو هڪ وڏو حِصو آهي: پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا مُشَاهدا۔ شَبِ اَسراء واري مصطفيٰ، امام الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مِعۡراج جي رات جنّت جو سير فرمايو، اتي جا محلّات ۽ باغات مُلاحظه فرمايا، اهڙي طرح جهنّم کي به مُلاحظه فرمايو ۽ اتي گنهگارن کي ٿيندڙ عذاب به ڏٺا۔ مطلب ته جيڪي واقعا قيامت کان پوءِ ٿيڻ وارا هئا، اهي انهيء رات   اکين سان، عين بيداري ۾ مُلَاحَظه فرمايا۔ جيئن حديثن ۾ آهي: *  مِعۡراج جي رات نبين جي سالار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جهنّم ۾ مُردار کائڻ وارا ماڻهو ڏٺا، جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلام عرض ڪيو: حُضُور! هي اهي آهن جيڪي ماڻهن