Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

جو گوشت کائيندا (يعني غيبت ڪندا) هئا، (مسند امام احمد، جلد:2، صفحہ:144، حدیث:2366) * ڪجھ اهڙين عورتن ۽ مَردن کي ڏٺو جيڪي پنهنجي ڇاتي سان لٽڪي رهيا هئا، جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلام عرض ڪيو: عيب لڳائڻ وارا ۽ پر پُٺ بُرائي ڪرڻ وارا آهن۔ (شعب الایمان، صفحہ:309، حدیث:6750) * ڪجھ اهڙا ماڻهو به ڏٺائون جيڪي باھ جي ٽارين سان لٽڪيل هئا، عرض ڪيو ويو: هي اهي آهن جيڪي دنيا ۾ پنهنجي والدين کي گاريون ڏيندا هئا۔ (الزواجر، جلد:2، صفحہ:125) * ڪجھ ماڻهو ڏٺا، جن جا پيٽ گھرن جيان وڏا وڏا هئا ۽ ان ۾ نانگ هئا، جيڪي ٻاهر کان نظر اچي رهيا هئا، عرض ڪيو ويو: حُضُور! هي وياج کائڻ وارا آهن۔ (ابن ماجہ، کتاب: تجارات، صفحہ:363، حدیث:2273ملتقطًا) *  ڪجھ اهڙا ماڻهو به ڏٺا جن جا چپ اُٺ جي چپن جيان (وڏا وڏا) هئا، ان تي ڪجھ ماڻهو مقرر هئا، جيڪي انهن جا چپ پڪڙي باھ جا وڏا وڏا پٿر انهن جي واتن ۾ وجھي رهيا هئا، ٻڌايو ويو: حُضُور! اهي ناحق يتيمن جو مال کائڻ وارا آهن۔ (الشریعۃُ للآجری، جلد:3، صفحہ:1532، حدیث :1027ملتقطًا) *  جهنّم ۾ ڪجھ اهڙا ماڻهو هئا جيڪي چوپاين (يعني ٻڪري، مينهن، ڳئون وغيره جانورن) جيان چرندي ڪنڊيدار گاھ، جهنّم جو ٿوهڙ ۽ جهنّم جا تپيل (گرم) پٿر ڳَيهي رهيا هئا، عرض ڪيو ويو: هي اهي آهن جيڪي پنهنجي مال جي زڪوٰة نه ڏيندا ها۔

(الترغیب والترہیب، کتاب:صدقات، صفحہ:263، حدیث:15)

تُوۡبُوۡااِلَي الله      اَسۡتَغۡفِرُالله

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

الله! الله! اي عاشقانِ رسول! اسان کي ڊڄڻ گھرجي! هاءِ! غيبت ڪرڻ، مسلمان ڀاءُ جي پَرپُٺ بُرائيون ڪرڻ، بُرو ڀلو چوڻ، عيب لڳائڻ، الزام تراشيون ڪرڻ، والدين کي ستائڻ، انهن جي سامهون زبان درازي ڪرڻ، وياجي ڪاروبار يا وياج ڏيڻ وٺڻ، زڪوٰة نه ڏيڻ، يتيمن جو مال ناحق ڦٻائڻ، وراثت تقسيم ڪرڻ