Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

۾ خيانت ڪرڻ، ڀيڻ ڀائرن کي وِراثت کان محروم ڪرڻ، هي اهي گُنَاھ آهن جيڪي هاڻي مُعَاشَري ۾ عام ٿي چڪا آهن، افسوس! اهو ڪمزور جسم ۽ جهنّم جا اهڙا هولناڪ عذاب...! اسان مان ڪير آهي جيڪو اهي عذاب برداشت ڪري سگھي ٿو؟ پر اَفسوس! اها سڀ خبر هوندي به اسان گُنَاهن کان پاسو نٿا ڪيون۔

ٿورو تَصَوُّر ته ڪريو! خدانخواسته جيڪڏهن اسان جي گُنَاهن تي قيامت جي ڏينهن گرفت ڪئي وئي، افسوس! جيڪڏهن جهنّم جي اهڙن خوفناڪ عذابن ۾ مبتلا ڪيو ويو ته اسان جو ڇا ٿيندو...؟؟

ڈنک مچھر کا سہا جاتا نہیں کیسے میں پھر                   قبر میں بچھو کے ڈنک آہ سہوں گا یاربّ!

گر کفن پھاڑ کے، سانپوں نے جمایا قبضہ               ہائے بربادی! کہاں جا کے چُھپوں گا یارَبّ!

گَر تُو ناراض ہوا، میری ہلاکت ہو گی                     ہائے! میں نارِ جہنّم میں جلوں گا یارَبّ!

دَرْدِ سَر ہو یا بُخار آئے، تڑپ جاتا ہوں                 میں جہنّم کی سَزا کیسے سَہُوں گا یارَبّ! ([1])

 پيارا اسلامي ڀائرو! اڃا به اسان وٽ موقعو آهي، بنا دير ڪرڻ جي، هٿو هٿ گُنَاهن کان توبه ڪرڻ ۽ نيڪين ڏانهن راغِب ٿيڻ ئي سٺو آهي، اڄ سڀاڻي، اڄ سڀاڻي ڪندي ڪندي ڪٿي دير نه ٿي وڃي، خدانخواسته گُنَاھ ڪندي ڪندي ئي جيڪڏهن موت جو ملائڪ اچي ويو ۽ تَوبه کان پهريان ئي رُوح قبض ڪيو ويو ته پوءِ ڪجھ نه ٿي سگھندو۔ الله پاڪ اسان سڀني کي سچي توبه ڪرڻ، گُنَاهن کان بچڻ ۽ استقامت سان نيڪين ڀري زِندگي گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي، اٰمِين بِجَاه النَّبِي الۡاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ۔

کر لے توبہ رب کی رَحْمت ہے بڑی

قبر  میں  ورنہ  سزا  ہو  گی  کڑی([2])


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:84-85۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:712۔