Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

مِعۡراج جي رات آقاءِ نامدار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جَنّت جا حَسِين محل، اتي جا خوبصُورت، سرسبز باغات به مُلاحَظه فرمايا، جيئن حديثن ۾ آهي: مِعۡراج جي رات رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عرش جي نور ۾ لڪيل هڪ شَخص ڏٺو، ٻڌايو ويو: هي اهو آهي جنهن جي زبان هر وقت ذِڪرِ الٰهي سان تَر رهندي هئي، ان جي دِل مسجد ۾ لڳل رهندي هئي، اهو ڪڏهن به پنهنجي والدين جي لاءِ شرمندگي ۽ بُرائي جو سبب نه بڻيو۔ (موسوعۃ امام ابن ابی الدنیا، کتاب:اولیاء، جلد:2، صفحہ:415، حدیث:95ملتقطًا) ڪجھ ماڻهو ڏٺا، جيڪي هڪ ڏينهن فصل پوکيندا هئا، بعد واري ڏينهن فصل لڻندا ها، جيئن ئي فصل لڻندا ها، فصل پهريان جيان وري ٿي ويندو هو، جبريل عَلَيۡهِ السَّلام عرض ڪيو: اهي راھ خُدا ۾ جهاد ڪرڻ وارا آهن۔ (مجمع الزوائد، کتاب الایمان، باب منہ فی الاسراء، جلد:1، صفحہ:91، حدیث:235ملتقطًا) حضرت جابِر رَضِىَ اللهُ عَنْه کان رِوَايت آهي، رسولن جي سردار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مان جنّت ۾ ويس ته مون اَبُو طلحه جي گھرواري رُميصا (يعني حضرت انس بِن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي والِده، حضرت اُمِّ سُلَيم) وٽ پهتس ۽ مون هڪ آواز ٻڌو ته پڇا ڪئي: اهو ڪير آهي؟ ٻڌايو ويو: هي بلال آهن۔ مون هڪ محل ڏٺو، ان جي صحن ۾ هڪ بي بي هئي، مون پڇا ڪئي: اهو ڪنهن جو آهي؟ ٻڌايو ويو: اهو محل عمر بن خطاب جو آهي۔ (بخاری، کتاب فضائل اصحاب النبی، باب مناقب عمر بن خطاب، صفحہ:933، حدیث:3679)

(3):سفرُ الوقت (Time Traveling)

پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان نبين جي نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي جنّت ۽ جهنّم جي مُشَاهدن بابت ڪجھ روايتون ٻڌيون، اچو! هاڻي اسان انهن روايتن تي هڪ ٻي زاويي سان غور ڪيون ٿا۔ موجوده سائنس ۾ هڪ نظريو موجود آهي جنهن کي سَفَرُ الۡوَقۡت (Time Traveling) چيو ويندو آهي۔ سَفَرُ الوَقت جو مَطلب آهي ٽائِم کي جَمپ ڪرڻ مثال طور هينئر سِن 2021 آهي ته مستقبل ڏانهن جمپ ڪري يڪدم 2025 ۾ پهچي وڃڻ يا ماضِي ڏانهن جمپ ڪري 2015