Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

۾ پهچي وڃڻ کي سَفَرُ الوَقت چيو ويندو۔ ڪم وبيش گذريل 3 صدين کان سائنس دان هن تي تحقيقات ڪري رهيا آهن، 1971ء کان وٺي هينئر تائين ان تي مختلف تجربابه ڪيا ويا آهن بلڪه يورپ ۾ ته ”ٽائِم مشين“ جي نالي سان هن موضوع تي هڪ ڪتَاب به لکيو ويو آهي۔ البته اهو هڪ مَفرُوضو آهي، اڃا تائين سائنسدانن کي هن مُعَامَلي ۾ ڪا به ڪاميابي ناهي ملي سگھي۔

هاڻي شَبِ مَعۡراج جي مُشَاهدن تي غور ڪريو! مُفسّرِ قرآن، مفتي اَحمَد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اهي واقعا جيڪي حُضُورصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شَبِ مِعۡرَاج مُلَاحظه فرمايو، اهي سڀ جا سڀ اڃا واقع ناهن ٿيا بلڪ قيامت کان پوءِ ٿيندا۔ جنّت ۽ جهنّم ۾ داخلو قيامت کان پوءِ ٿيندو، جنّت جو دروازو ئي مالِڪ جنّت، صاحبِ ڪوثر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کولائيندا، سڀ کان پهريان پاڻ ڪريم ئي جنّت ۾ داخل ٿيندا، حضرت بِلال رَضِىَ اللهُ عَنْه جن جو آواز سرڪارِ عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنّت ۾ ٻُڌو، انهن جو ته اڃا ظاهري انتقال به نه ٿيو هو، مِعۡرَاج جي رات اهي پنهنجي ظاهري زندگي سان مڪهءِ مڪرمه ۾ موجود هئا، حضرت اُمِّ سُلَيم رَضِىَ اللهُ عَنْها جن کي حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جنّت ۾ ڏٺو، اهي ظاهري زِندگي سان پنهنجي گھر ۾ موجود هيون، انهن جو جنّت ۾ داخلو قيامت کان پوءِ ٿيندو. (مرآۃ المناجیح، جلد:8، صفحہ:362خلاصۃً) الله اڪبر! پياري آقا، مڪي مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سَفَرِ مِعۡراج کي 1442 سال گذري چڪا آهن، اڃا قيامت اچڻ ۾ خبر ناهي ڪيتريون صديون وڌيڪ لڳن، پوءِ قيامت جو 50 هزار سال جو ڏينهن، ان کان پوءِ جنّتي جَنّت ۾ ويندا، جهنمي جهنم ۾ ويندا، يعني هزارين سالن کان پوءِ ٿيندڙ واقعن کي حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شَبِ مِعۡراج پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهن، پنهنجي ڪنن سان ٻُڌي رهيا آهن، الله! الله! سائنسدانن مسلسل 3 صديون ڪوششون ڪيون، سَفَرُ الوقت يعني ٽائِم کي جمپ ڪرڻ جي لاءِ تجربا ڪيا ويا پر اڃا تائين وقت کان 5 منٽ اڳتي وڃڻ يا 5 پنج منٽ پوئتي وڃڻ ۾ به ڪامياب نه ٿيا پر اسان جي آقا وموليٰ، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو شان ڏسو! اڄ کان 1442 سال پهريان پاڻ هزارين سال بعد ٿيندڙ