Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

واقعن کي پنهنجي اکين سان، عين بيداري ۾ ڏٺائون، پنهنجي ڪنن سان آواز ٻڌو ۽ پاڻ به بنفسِ نفيس اتي موجود هئا، پوءِ اتي وڃي اتي رهجي نه ويا، ٻيهر هزارين سال پوئتي يعني مڪهءِ مڪرمه ۾ واپس تشريف به وٺي آيا۔ سُبۡحٰنَ الله! سُبۡحٰنَ الله!

اَوْج پانا میرے حُضُور کا ہے

عَرْش جانا میرے حُضُور کا ہے

عَرْش سے بھی پَرے وہ ہَو آئے

آنا جانا میرے حُضور کا ہے

حَقْ تَعَالیٰ کا جلوہ راتوں رات

دیکھ آنا میرے حُضُور کا ہے

(5): بيت المقدس مڪي پاڪ ۾ رکيو ويو

شَبِ مِعۡرَاج جي صبح جو جڏهن الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشِمي
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مڪي وارن کي سَفَرِ مِعۡرَاج جي خبر ڏني ته ڪافر جيڪي هر ڳالھ کي پنهنجي ناقص عقل تي تورڻ جا عادِي هئا، پهريان ته هن عظيمُ الشّان معجزي کي پنهنجي ناقص ۽ اَنقص عقل تي تورڻ ۽ مَعَاذ الله نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مذاق اُڏائڻ لڳا۔ مڪي وارن کي خبر هئي ته اڳ ۾ مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيت المقدس کي ناهي ڏٺو، ان ڪري انهن رسول اڪرم
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان بيت المقدس جي باري ۾ سُوال پڇڻ شروع ڪيا، ڪنهن پڇا ڪئي: اتي ڪيترا دروازا آهن؟ ڪنهن چيو: بيت المقدس جو رقبو ڪيترو آهي؟ ڪنهن پڇا ڪئي: بيت المقدس جو گنبذ ڪيترو اُونچو آهي؟ (تاریخ خمیس، رکن ثانی، جلد:1،صفحہ:582)

الله اڪبر! ڪهڙا فضول سُوال آهن، خليفه اعليٰ حضرت علَّامه ظفر الدّين بهاري رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: عام ڳالھ آهي، ڪو ماڻهو ڪنهن گھر ۾ ويندو آهي ته