Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون     

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّيَّةُ الْحَسَنَةُ تُدْخِلُ صَاحِبَهَا الْجَنَّةَ سٺي نيت ٻانهي کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي۔ (بخاری، کِتَاب:بَدءُ الْوَحی، باب:کیف کان بدء الوحی...الخ، صفحہ:65، حدیث:1)

     اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي۔ هرنيڪ ۽ جائِز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ گھرجن! هن سان عَمَل جو ثواب وڌي ويندو آهي۔ اچو! بيان ٻڌڻ جون ڪجھ سٺيون نيتون ڪيون ٿا، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنۡ شَآءَ الله چئي ان جو اظهار ڪريو: *  عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس *  عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس *  بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس *  ذڪر معراج ٻُڌي ڪري، دل ۾ عشق رسول وڌائڻ جي ڪوشش ڪندس

صَلُّو ۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                          صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ رَجَبُ المُرَجَّب جي ستاويهين رات آهي، هي اها مبارڪ رات آهي جو جنهن رات جنّت سجائي وئي، اڄوڪي ئي رات عرش تي ڌوم متل هئي، اڄوڪي رات زمين تي انوار جي برسات ٿي، اڄوڪي ئي رات حُور وغِلۡمان ۽ ملائڪ منهنجي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي استقبال جي لاءِ صَف ٻڌي بيٺل رهيا، اڄوڪي رات الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب، مِعراج واري مصطفيٰ، امام الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عرش ۽ ڪرسي جي سير ڪرائي، جنّت ڏيکاري ۽ مَا شَآءَ الله! سِدرَة المنتهيٰ ۽ لامڪان، پوءِ ان کان به اڳتي قُربِ خاص ۾ گھرايو، هم ڪلامي جو شَرف عطا فرمايا ۽ سُبۡحٰنَ الله! محبوب مصطفيٰ، سردارِ انبياء صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عَين حالتِ بيداري ۾، اکين سان پنهنجو ديدار به ڪرايو۔