Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

ان جي حيثيت مختلف ٿيندي آهي، اهو انجينئر جو حال آهي ته هو جڏهن ڪنهن گھر ۾ وڃي ته ان جي نگاهه انهن ڳالهين ڏانهن هوندي آهي، اهو سوچيندو آهي ته عِمَارت ڪيتري اُونچي آهي؟ ديوارون ڪيتريون ٿلهيون آهن؟ عمارت جو رقبو ڪيترو آهي؟ ڪيترا دروازا آهن؟ جيڪو شخص ڪنهن ٻي مقصد جي لاءِ ويندو آهي، ان جي توجھ هرگز انهن شين ڏانهن ناهي ويندي، ۽ ان رات سرڪارِ ذي وقار، مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي خاص تجليءِ الٰهي هئي، ان خاص ڪيفيت ۾ بلڪ عام حالتن ۾ به بيت المقدس جا دروازا ڳڻڻ، ايراضي تي غور ڪرڻ، گنبذ جي بلندي کي سوچڻ پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شانِ نبوت جي خِلاف هو، جيئن حديث شريف ۾ آهي: جڏهن انهن ماڻهن بيت المقدس جي باري ۾ اهڙا فضول سوال پڇيا ته غيبن تي خبردار، سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي سخت پريشاني ٿي، ايتري ۾ ڇا ٿا ڏسن ته حضرت جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلام بيت المقدس کي کڻي سندن اڳيان حاضِر ٿيو، هاڻي ڇا هو، ڪافر جيڪو ڪجھ پڇندا ويا، نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ هڪ شيء جي باري ۾ ٻڌائيندا ويا، جڏهن رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ عِمَارت جا نشان، مسجد جو نقشو وغيره سڀ ڪجھ ٻڌايو ته اهو ٻڌي ماڻهو چوڻ لڳا: جيستائين نشانين جو تعلق آهي، خُدا جو قسم! اهي بالڪل درست آهن۔ (تحفۂ معراج النبی، صفحہ:334-335)

ممکن ہی نہیں عقلِ دو عالم کی رسائی

ایسا  دیا  اللہ  نے  رُتْبہ  شبِ  مِعْرَاج([1])

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(6): سج رُڪي ويو

پيارا اسلامي ڀائرو! نبيِ رَحمَت، مالِڪ جنت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيت المقدس جون


 

 



[1]...قبالۂ بخشش، صفحہ:125۔