Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

تمام نشانيون بيان ڪيون، ان جي باوُجُود به ڪافِر مِعۡراج شريف مڃڻ لاءِ تيار نه ٿيا۔ هاڻي انهن هڪ ٻي نشاني بابت پڇا ڪئي، چيو: اي مُحَمَّد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) ان راھ تي اسان جا قافلا ويا آهن، جڏهن اوهان بيت المقدس ويا آهيو ته يقيناً راھ ۾ قافلن کي به ڏٺو هوندو، ان ڪري اسان جي قافلن بابت اسان کي ٻڌايو۔

نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ها! مون هڪ قافلي کي رَوۡحاء نالي مقام تي ڏٺو هو، اُنهن جو اُٺ گم ٿي ويو هو، هو اُٺ جي ڳولا ۾ هئا، مان انهن جي ترسڻ واري هنڌ وٽ بيٺس، انهن جي پيالي مان پاڻي پيتو ۽ پيالو ان هنڌ ساڳي نموني رکي ڇڏيو. (تاریخ خمیس، رکن ثانی، جلد:1،صفحہ:582) هڪ روايت ۾ آهي: مون انهن کي سلام ڪيو، ته هو چوڻ لڳا: هي ته مُحَمَّد (صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ) جو آواز آهي۔ (مسندبزار، جلد:8، صفحہ:410، حدیث:3484) پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وڌيڪ فرمايو: اهو قافلو اربع جي ڏينهن هتي پهچي ويندو، اهي ڳالهيون اوهان پاڻ انهن کان پڇي وٺجو۔

هڪ شَخص پڇا ڪئي: اسان جو فُلاڻو قافلو به انهيء راھ تي آهي، اوهان ان کي ڏٺو؟ فرمايائون: هائو! مان ان قافلي جي ڀرسان لنگھيس، ته منهنجي بُراق جي تيز رفتاري سبب خوف زَده ٿي اُنهن جو اُٺ ٽهي ڀڳو، پوءِ اُٺ تان ڪري هڪ شخص جي ڪارائي ٽٽي پئي آهي، اهو قافلو فلاڻي ڏينهن منجھند تائين هتي پهچي ويندو، توهان پاڻ انهن کان اها ڳالھ پڇي وٺجو۔

پوءِ فرمايائون: هڪ قافلي کي مون مقامِ تنعيم ۾ ڏٺو، اُنهن جي اڳيان اڳيان هڪ خاڪي رنگ جو اُٺ هو، ان تي اناج جون 2 ڌاري دار ٻوريون رکيل آهن ۽ هڪ حبشي ان تي سُوار آهي، اهو قافلو فلاڻي ڏينهن سج نڪرڻ تائين هتي پهچي ويندو۔

هاڻي ڪافر انتظار ڪرڻ لڳا، پوءِ جڏهن اهو ڏينهن آيو، جنهن جي صبح سج اڀرڻ مهل قافلي کي پهچڻو هو، ان ڏينهن سج نڪرڻ کان ڪجھ پهريان