Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

ڪافرن جا ڪجھ ماڻهو اولھ ڏانهن هڪ جبل تي ويهي رهيا ۽ سج نڪرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳا ۽ جنهن پاسي کان قافلو اچڻو هو، ڪجھ ماڻهو ان پاسي جبل تي ويهي رهيا، جيئن سج نڪتو، اولهندي جبل تي ويٺل هڪ شخص بلند آواز سان چيو: هٰذِه الشَّمۡسُ قَدۡ طَلَعَتۡ اهو سج نڪري آيو آهي۔ گڏ ئي ٻي پاسي کان آواز آيو: هٰذِه الۡعِيرُ قَدۡ اَقۡبَلَتۡ ڏسو! قافلو به اچي ويو۔ جڏهن قافلو ويجھو آيو ته ماڻهن ڏٺو: واقعي ان قافلي جي اڳيان خاڪي رنگ جو اُٺ هو، ان تي ٻه ڌاري دار ٻوريون رکيل هيون، يعني جيڪا نشاني صادِق وامين نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بيان ڪئي هئي، اها بلڪل درست ثابت ٿي۔ (تاریخ خمیس، رکن ثانی، جلد:1،صفحہ:582)

پوءِ منجھند جي وقت جنهن قافلي کي پهچڻو هو، ان جو انتظار ٿيڻ لڳو، سُبۡحٰنَ الله! اهو قافلو به عين منجھند وَقت مڪهءِ مڪرمه ۾ داخِل ٿيو، ماڻهو قافلي جي ويجھو گڏ ٿيا، ڏٺائون ته واقعي انهن مان هڪ شخص جي ڪارائي ٽٽل آهي، پڇڻ تي ان شخص ٻڌايو: جهنگ ۾ بجلي جيان اسان جي ويجھو کان ڪا شيء گذري، ان کي ڏسي اسان جو اٺ ٽهي پيو، ان ڪري اٺ تان ڪري منهنجي ڪارائي ٽٽي پئي آهي۔ (مسندبزار، جلد:8، صفحہ:411، حدیث:3484)

هاڻي ٽئين قافلي جو انتظار ٿيڻ لڳو، نبي اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمان مُطَابِق ان قافلي کي سج لهڻ وقت پهچڻو هو پر اهو قافلو ڪنهن سبب واٽ تي رُڪجي ويو، هوڏانهن ڪافر سج کي ڏسي رهيا هئا، ڏسندي ڏسندي سج بلڪل لهڻ ويجھو ٿي ويو ۽ قافلي جو اڃا تائين ڪو نالو نشان به نه هو، ان وَقت مالِڪ و مختار نبي، رسولِ هاشِمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ دُعا فرمائي ته سج رڪجي ويو، جيئن ئي قافلو مڪهءِ مڪرمه ۾ داخِل ٿيو، گڏ ئي سج به لهي لٿو۔

(تاریخ خمیس، رکن ثانی، جلد:1،صفحہ:583)

تَبَارَکَ اللہ حکومت اُن کی، زمیں تَو کیا ہے آسماں پر

کِیا اشارے سے چاند ٹکڑے، چھپا ہُوا خُور بُلا رہے ہیں