Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

شَبِ مِعرَاج جون فضيلتون

پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ڏٺو، ”مِعۡرَاج شريف“ مصطفيٰ جانِ رحمت، شمعِ بزم هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ڪيترو عقل کي حيران ڪندڙ معجزو آهي، سُبۡحٰنَ الله! اڄ اها ئي بابرڪت رات آهي، جنهن رات اسان جي پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي اهو عظيم الشان معجزو عطا ٿيو هو، اچو! 27 رَجَب جي فضيلتن تي 3 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿا: (۱):حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه کان رِوَايت آهي: جيڪو ستاويهين رجب جو روزو رکي، الله پاڪ ان جي لاءِ 60 مهينن جي روزن جو ثواب لکي ڇڏيندو آهي۔ (۲): حضرت سلمان فارسي رَضِىَ اللهُ عَنْه روايت ڪن ٿا، رسولن جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: رَجَب ۾ هڪ ڏينهن ۽ رات آهي جيڪو هن ڏينهن روزو رکي ۽ رات جو قيام (يعني عبادت) ڪري ته ڄڻ ان 100 سال جا روزا رکيا، 100 سال شَب بيداري ڪئي ۽ اها رجب جي ستاويهين تاريخ آهي۔ (۳):شُعَبُ الايمان جي رِوَايت آهي: رجب ۾ هڪ رات آهي جو ان ۾ نيڪ عمل ڪرڻ واري کي 100 سال جي نيڪين جو ثواب ملندو آهي ۽ اها رجب جي ستاويهين رات آهي، جيڪو هن رات ۾ 12 رڪعتون هن طرح پڙھي جو هر رڪعت ۾ سورۃ الفاتحه ۽ ڪا هڪ سُورت ۽ هر ٻن رڪعتن تي التحيات پڙھي ۽ 12 پوريون ٿيڻ تي سلام ورائي، ان کان بعد 100 ڀيرا اهو پڙھي: سُبۡحٰنَ الله وَالۡحَمۡدُ لِلّٰه وَلَا اِلٰه اِلَّا الله وَالله اَکبَرۡ، پوءِ اِسۡتِغۡفَار (مثال طور اَستَغفِرُ الله، اَستَغفِرُ الله) 100 ڀيرا، دُرود شريف: 100 ڀيرا پڙھي ۽ پنهنجي دنيا ۽ آخرت جي لاءِ جنهن شيء جي چاهي دُعا گھري ۽ صبح جو روزو رکي ته الله پاڪ ان جون سڀئي دُعائون قبول فرمائيندو، سواءِ ان دُعا جي جيڪا گُنَاھ جي لاءِ هجي۔

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علاقائي دورو

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ نمازي بڻجڻ، دِل ۾ عشق مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شَمع روشن ڪرڻ، سُنّتن تي عمل جو جذبو ماڻڻ، گُنَاهن کان بچڻ جو ذهن