Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

بنائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي دِيني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي دِيني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، اِنۡ شَآءَ الله! ان جون برڪتون پاڻ ئي ڏسي وٺندؤ، الحمد لله! دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ دِين جو ڪم ڪرڻ، گھر گھر، گهٽي گهٽي سُنّتن جو پيغام پهچائڻ جي لاءِ هر دم مَصرُوف آهي، اوهان به هن نيڪ ڪم ۾ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو، دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حِصو وٺو ۽ نيڪي جي دَعۡوَت عام ڪري خوب خوب ثوابِ آخرت جا حق دار بڻجو۔ دعوتِ اسلامي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ڪم آهي: علاقائي دورو۔ هفتي ۾ 2 ڏينهن يا هفتي ۾ هڪ ڏينهن هر مَسجِد جي چوڌاري ۽ گھر گھر، دُڪان دُڪان وڃي گھرن ۽ دڪانن ۾ موجود ۽ راھ ۾ بيٺل ۽ ايندڙ ويندڙ تمام افراد کي نيڪي جي دَعوت ڏيندا آهن، ان کي علاقائي دورو چيو ويندو آهي۔

اسان کي گھرجي ته اسان سڀ به عاشقانِ رسول سان گڏجي علاقائي دوري ۾ شِرڪت ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريون، اِنۡ شَآءَ الله! نيڪي جي دَعوَت ڏيڻ ۽ عِلۡمِ دين ڦھلائڻ جو ثواب ملندو۔ نيڪي جي دَعوَت ڏيڻ جو ثواب ڇا آهي؟ اچو! اهو به ٻُڌي وٺون ٿا، بي چين دِلين جي چين، رَحۡمتِ دارين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ڇا مان توهان کي اهڙن ماڻهن جي باري ۾ نه ٻڌايان جيڪي نه نبي آهن، نه شهيد، پوءِ به روزِ قيامت انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلام ۽ شهيد انهن جو مقام ڏسي رَشڪ ڪندا (يعني گھڻو خوش ٿيندا)، اهي ماڻهو نور جي منبرن تي بلند هوندا، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي الله پاڪ جي ٻانهن کي الله پاڪ جو محبوب (يعني پيارو) بڻائي ڇڏيندا آهن ۽ هو زمين تي نصيحتون ڪندي هلندا آهن۔ عرض ڪيو ويو: هو ڪهڙي طرح ماڻهن کي الله پاڪ جو محبوب بڻائيندا آهن؟ فرمايائون: هو ماڻهن کي الله پاڪ جي پسنديده ڳالهين جو حڪم ڏيندا آهن ۽ بُري ڳالهين کان منع ڪندا آهن، پوءِ جڏهن ماڻهو انهن جي اِطاعت ڪندا ته الله پاڪ انهن کي پنهنجو محبوب بڻائي ڇڏيندو۔

احمد رضا کا صدقہ مسلمان نیک ہوں                      نیکی کی دعوت آقا! جہاں بھر میں عام ہو