Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

غير مسلم مسلمان ٿي ويو

پنجاب جي هڪ مبلغِ دعوتِ اسلامي جو بيان آهي، هڪ ڏينهن اسان وٽ ڪراچي مان مَدَني قافلو تشريف وٺي آيو، مدني قافلي وارن سان گڏجي مون کي به علاقائي دوري ۾ شِرڪت جو شَرف مليو، اسان هڪ درزي جي دُڪان جي ٻاهر ماڻهن کي گڏ ڪري نيڪي جي دعوت ڏئي رهيا هئاسين، جڏهن بيان ختم ٿيو ته انهيء دڪان جي هڪ مُلازِم نوجوان چيو: مان غير مسلم آهيان۔ اوهان جي نيڪي جي دعوت منهنجي دل تي وڏو اَثر ڪيو آهي، مهرباني فرمائي مون کي اسلام ۾ داخِل ڪريو پوءِ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اهو ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويو۔

مقبول جہاں بھر میں، ہو دعوت اسلامی                صدقہ تجھے اے رَبِّ غفّار! مدینے کا

 صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

”القرآن مع تفسير“ ايپلي ڪيشن

اي عاشقان رسول! اڄڪلھ ٽيڪنالوجي جو دور آهي، تقريباً هر هڪ وٽ اينڊرائڊ يا آئي فون موبائل هوندو آهي، الحمد لله! دعوتِ اسلامي اسان کي موبائل جي ذريعي به عِلمِ دين سکڻ ۽ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري ٿي۔ مثال طور دَعوَتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ جي طرفان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جارِي ڪئي وئي آهي، جنهن جو نالو آهي: Quran with Tafseer (القرآن مع تفسير)۔ اها ايپلي ڪيشن Android ۽ IOS ٻنهي طرح جي ڊيوائسز سان ڊاؤن لوڊ ڪري آساني سان استعمال ڪري سگھجي ٿي، هن ايپلي ڪيشن ۾ *  مڪمل قرآنِ ڪريم ، *  اعليٰ حضرت، آقاءِ نعمت، اِمامِ اهلسنت، شاھ امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو لکيل اردو ترجمو ڪنز الايمان *  نئين دور جي تقاضائن جي مطابق نهايت آسان اردو ترجمو، ترجمو ڪنز العرفان ۽ *  آسان انداز ۾ لکيل، اُرۡدُو جي سڀ کان جديد (Latest) تفسير تفسير صراط الجنان