Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

شامل آهي۔ اوهان ڪٿي به هجو، هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان قرآنِ ڪريم ترجمو ۽ تفسير سان پڙھي آساني سان سمجھي به سگھو ٿا ۽ گڏوگڏ قرآني آيتن کي، ترجمي ۽ تفسير کي واٽس ايپ، فيس بُڪ وغيره تي پنهنجي دوستن سان شيئر به ڪري سگھو ٿا۔ پهرين فرصت ۾ ئي اها ايپلي ڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو، عِلمِ دين سکو ۽ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ڪمايو۔

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنۡشاھ نُبُوت صَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَنۡ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدۡ اَحَبَّنِي وَمَنۡ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الۡجنَّة يعني جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                         جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

”قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ“ سُنَّت آهي

ٻه ۲ فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1):منهنجي اُمَّت جي اَفضَل عبادت تلاوتِ قرآن آهي۔ (شُعَبُ الْاِیْمان، باب:تعظیم قرآن، جلد:2، صفحہ:347، حدیث:2004) (2): جيڪو رات جو 200 آيتون تِلاوت ڪري، ان جو نالو عبادت گذارن ۾ لکيو ويندو ۽ جيڪو 400 آيتن جي تِلاوت ڪري، ان جي لاءِ هڪ قِنطَار اَجر لکيو ويندو، هڪ قِنطَار 120 قيراط جي برابر آهي ۽ هڪ قيراط اُحُد جبل جيترو آهي۔

(شُعَبُ الاِیْمَان، جلد:2، صفحہ:401، حدیث:2197)