Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

اي عاشقانِ رسول! تِلاوت ڪرڻ سُنَّت آهي۔ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪثرت سان قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندا هئا *  حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنْها فرمائن ٿيو: ڪا شيء پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي تِلاوت کان نه روڪيندي هئي *  پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رات جي نماز ۾ ڪڏهن ڪڏهن سڄي سُورَۂ بَقَرَۃ ۽ سُورَه آلِ عِمرَان جي تلاوت ڪندا هئا *  روزانو رات جو سُورَه سَجدَه، سُورَه مُلڪ، سُورَۂ بَنِي اِسرَائِيل، سُورَۂ زُمَر، سُورَۂ ڪافِرُون، سُورَۂ فَلَق ۽ سُورَۂ وَالنَّاس جي تلاوت ڪري سمهندا هئا۔

الٰہی خوب دے شوق قرآن کی تلاوت کا              شرف دے گنبدِ  خضرا کے سائے میں شہادت کا

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبِيب!                                                                              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب “بهار شريعت” حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداباميرِ اهلسنت دَامَتۡ بَرَکاتُهمُ الۡعَالِيه جا ٻه رسالا ”101 مدني گل“ ۽ ”163 مدني گل هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي۔    آمين بجاه النبي الامين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد