Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

الٰهي کڻي حاضِر ٿيو، پنهنجا ڪافُوري بازُو سرڪارِ عالي وقار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُبَارَڪ ترين سان مهٽي حُضُور جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي بيدار ڪيو، الله پاڪ جو پيغام پهچايو، سِيني مُبَارَڪ مان پاڪ صاف دِلِ مصطفيٰ کي ڪڍي آبِ زم زم سان ڌوئي ٻيهر ان مبارڪ سيني کي حڪمت ۽ نور سان ڀريو، پوءِ آبِ ڪوثَر سان غسل ڪرايو، سرڪارِ ذي وقار، ٻنهي جھانن جي مالِڪ و مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي گھوٽ ڪري جنتي لِبَاس پارائي، بُراق (نالي جنّتي جانور) تي سوار ڪيو، اهو بُراق انتهائي تيز رفتار هو، ان جي تيز رفتاري عقل کان ٻاهر آهي:

تھا بُراقِ نبی یا کہ نُورِ نظر                                        یہ گیا، وہ گیا اور نہاں ہو گیا

 حضرت جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلام بُراق جو لغام پڪڙيو، اسرافيل عَلَيۡهِ السَّلام پويان هليا، ملائڪن چئني پاسن کان بُراق کي گھيري ورتو، ان شان سان مِعراج جي گھوٽ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُواري مڪي شريف کان روانا ٿي، گھڙي کن ۾ بيت المقدس پهتا، بيت المقدس ۾ تمام نبي ۽ رسول ۽ ملائڪ پهريان ئي استقبال جي لاءِ مَوجُود هئا، نماز جي تياري هئي، بَس اِمام جو انتظار هو۔

الله! الله! ڇا شان آهي اسان جي آقا ۽ موليٰ، محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو...!! آسمانِ نبوت جا اهي چمڪندڙ تارا جن جي دَم سان جهان ۾ روشني ٿي، باغِ رسالت جا مهڪندڙ گل جن سان زمانو مهڪي رهيو هو، جن جي پويان پويان هلي زمانو جَنّت جي راھ ڏانهن هلي رهيو هو، اڄ اهي صَف ٻڌي شهنشاھ رسالت، تاجدارِ خَتمِ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پويان بيهي سندن پيروي ۾ نماز پڙھڻ جي لاءِ انتظار ڪري رهيا آهن۔

سچي عاشقِ رسول، اِمامِ اهلسنت، شاھ اِمام احمد رضاخان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڇا ته خُوب فرمايو آهي: