Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

سب سے اوّل سب سے آخر                              اِبتدا ہو اِنتہا ہو

تھے وسیلے سب نبی تُم                                       اصل مقصودِ ہُدیٰ ہو

قُربِ حق کی منزلیں تھے                                    تُم سفر کا منتہیٰ ہو

سب کی ہے تم تک رسائی                                 بارگہ تک تم رسا ہو([1])

 شعر جي وضاحت: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اَوَّل نبي به اوهان آهيو، آخري نبي به اوهان ئي آهيو، اِبتِداء به اوهان آهيو، اِنتِها به اوهان آهيو، پهريان انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلام سڀ جا سڀ هدَايت جو وسيلو هئا، اوهان هدايت جا اَصل مقصد آهيو، پهريان انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلام قُربِ الٰهي واري راهن جون منزلون هئا، اوهان هن راھ جي انتها آهيو، سڀئي اوهان تائين پهچن ٿا ۽ اوهان جي رسائي الله پاڪ تائين آهي۔

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقان رسول! انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلام امام جو انتظار ڪري رهيا هئا، جيئن ئي مِعراج واري مصطفيٰ، سَيدِ بطحا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سُواري پهتي، سڀني ڀرپُور استقبال ڪيو، سڀئي نبي ۽ ملائڪ مقتدي بڻجي صَف ٻڌي پويان بيهي رهيا، حُضُور جانِ رَحۡمت، شَمعِ بَزمِ هدايت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ امامَت جي مصلّي تي تشريف فرما ٿيا، سُبۡحٰنَ الله! ڇا نماز آهي، پهريون قبلو يعني مسجدِ اقصيٰ نماز جو هنڌ آهي، ملائڪ مؤذِّن آهن، جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلام تڪبير چئي رهيا آهن، انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلام مقتدي آهن ۽ امامُ الانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ امامت فرمائي رهيا آهن.

نمازِ اَقْصیٰ میں تھا یہی سِرّ، عیاں ہوں معنی اَوَّل، آخر

کہ دَسْت بَسْتہ ہیں پیچھے حاضِر جو سلطنت آگے کر گئے تھے([2])


 

 



[1]...حدائق بخشش، صفحہ:341-342۔

[2]...حدائق بخشش، صفحہ:232۔