Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

شعر جي وضاحت: اسان جا آقا ۽ مولا، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اَوَّل به آهن، آخر به آهن، مسجدِ اَقصيٰ ۾ انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلام کي نماز پڙھائڻ ۾ هڪ راز اهو آهي جو سندن اَوَّل ۽ آخر هئڻ واضِح ٿي وڃي، سڀئي ڏسي وٺن ته جيڪي نبي سڳورا عَلَيۡهِمُ السَّلام اوهان کان پهريان گذري چڪا هئا، اڄ اهي ئي هٿ ٻڌي بيٺل آهن يعني حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آخر آهن ته سڀني کان بعد دُنيا ۾ تشريف فرما ٿيا ۽ اَوَّل به آهن جو پهرين سڀني نبي سڳورن عَلَيۡهِمُ السَّلام جا امام آهن۔

  هن نماز کان فارغ ٿي سفرِ آسمان جي تياري هئي، اهو ئي بُراق، اها ئي ڄڃ، اهو ئي گھوٽ، اهي ئي ڄاڃي، جلدي ۾ پهريون آسمان آيو، اُتي حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلام استقبال ڪيو، پوءِ هڪ هڪ ٿي ڪري آسمان ايندا ويا، گذرندا ويا، ٻي آسمان تي حضرت يحييٰ ۽ حضرت عيسيٰ عَلَيهمَا الصَّلٰوة وَالسَّلَام، ٽئين آسمان تي حضرت يوسف عَلَيۡهِ السَّلَام، چوٿين آسمان تي حضرت ادريس عَلَيۡهِ السَّلَام، پنجين آسمان تي حضرت هارون عَلَيۡهِ السَّلَام، ڇهين آسمان تي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ۽ ستين آسمان تي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلام استقبال ڪيو، سندن زيارت ۽ ملاقات سان مُشَرَّف ٿيا، آسمانن تان گذرندي ئي سِدرَةُ المنتهيٰ سامهون آيو، پوءِ حال هيءُ  هو جو۔

بَفَوْرِ صَدا، سَماں یہ بندھا، یہ سِدْرَہ اُٹھا، وہ عرش جھکا

صفوفِ سما نے سجدہ کیا، ہوئی جو اذاں تمہارے لئے([1])

شعر جو مفهوم: شب معراج جڏهن اسان جي آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تشريف آوري جو اِعلان ٿيو ته سِدرَةُ المنتهيٰ خوشي وچان پنهنجي جڳھ تان اٿي بيهي رهيو، عرشِ معليٰ استقبال جي لاءِ جھڪي ويو ۽ ملائڪ شڪر جي سجدي ۾ ڪري پيا۔

سِدرَة المنتهيٰ حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلام جي لاءِ سَد راه (يعني اڳتي وڃڻ کان رُڪاوٽ) بڻجي ويو، اتي پهچي جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلام اڳتي وڃڻ کان معذرت


 

 



[1]...حدائق بخشش، صفحہ:235۔