Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

ڪئي، سرڪارِ ذِي وقار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جبريل! همراهي جو اهو طريقو ناهي جو راھ ۾ ساٿ ڇڏيو وڃي۔ عرض ڪيو:

اگر یَکْ سَر مُوئے بَرتَر پَرَم                                   فَرَوْغِ تجلی بَسَوْزَدْ پَرَم

 يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هتان کان هڪ قدم به اڳتي وڌيس ته انوار ۽ تجلين سان منهنجا پر سڙي ويندا۔ منهنجي بَس اها ئي انتهاء آهي۔

اميرِ اهلسنت، حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادِري رضوي دامت برڪاتهم العاليه پنهنجي نعتيه دِيوان "وسائلِ بخشش" ۾ هن جي منظر ڪشي ڪجھ هن طرح ڪن ٿا!

جبریل ٹھہر کر سِدرہ پر بولے جو بڑھے ہم ایک قدم

جل جائیں گے سارے بال و پَر اب ہم تو یہیں رہ جاتے ہیں([1])

 ۽ ڪنهن ٻي شاعر هن کي هيئن بيان ڪيو آهي!!!

نور نے تلووں کو سہلا کر جگایا خواب سے              یُوں ہوئی سرکار کی مِعْراجِ جسمانی شروع

پہلے تو وہ ہمرکابِ سرورِ کونین تھا                       ہو گئی جبریل کی سِدْرَہ سے حیرانی شروع

 هن کان اڳتي سرڪارِ ذي وقار، ٻنهي جھانن جا تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جتي ويا، ان بابت مڪمل تفصيل گھرائڻ وارو رَبّ ڄاڻي يا وڃڻ وارو محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ.

کسے ملے گھاٹ کا کنارہ، کدھر سے گزرا، کہاں اُتارا

بھر جو مثلِ نظر طرارا وہ اپنی آنکھوں سے خود چھپے تھے([2])


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:288۔

[2]...حدائق بخشش، صفحہ:235۔