Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

Book Name:Meraj K Mojzaat 27 Rajab 1442

شعر جو مفهوم: يعني وَحدَت جي سمنڊ جو ڪو ڪنارو ئي نه آهي، لهٰذا ڪير ڇا ٻڌائيندو ته معراج وارا مصطفيٰ، سيدالانبيا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪٿان کان گذريا ۽ سُواري ڪٿي لاٿو، وڌيڪ اهو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ بارگاھ الٰهي ۾ پهچي درياءِ وَحدَت ۾ اهڙا محو ٿيا جو پنهنجي نگاهن کان به لڪي ويا هئا۔

صَلُّوۡا عَلَي الۡحَبيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي ڇا ڏنو، محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڇا ورتو، الله پاڪ ڇا فرمايو، محبوب مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڇا ٻُڌو، حبيب ۽ محبوب، طالِب ۽ مطلوب ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون راز و نياز جون ڳالهيون  ٿيون، اهو به الله پاڪ ڄاڻي يا اُن جي ٻڌائڻ سان ان جو پيارو حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڄاڻي، قرآنِ ڪريم به اهو راز نه کوليو بلڪه فرمايو ويو:

فَاَوْحٰۤى اِلٰى عَبْدِهٖ مَاۤ اَوْحٰىؕ(۱۰) (پاره27،سورۃالنجم:10)              

 ترجموڪنزالايمان: پوءِ وحي فرمايائين پنهنجي ٻانهي جي طرف جيڪو ڪجھ وحي فرمايائين

قَصْرِ دَنیٰ کے راز میں، عقلیں تَو گم ہیں جیسی ہیں

رُوْحِ قُدُس سے پوچھئے! تم نے بھی کچھ سُنا کہ یُوں([1])

 ها! ايتري خبر آهي جو اتي گنهگار اُمَّت جو به ذِڪر آيو هو ۽ اُمَّت کي ڏينهن رات مِعراج جي نعمت ماڻڻ، الله پاڪ جي بارگاھ ۾ هر هر حاضِري ڏيڻ، ربّ جي بارگاھ ۾ دِل جون حسرتون عرض ڪرڻ جي لاءِ الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي 50 نمازن جو تحفو ڏنو، واپسي تي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلام جي عرض تي 5، 5 گھٽ ٿي صِرف 5 رهجي ويون۔


 

 



[1]...حدائق بخشش، صفحہ:93۔