Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

سرڪارِ عالي وقار، شفيعِ روزِ شُمار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تمام گھڻو ويجھو هوندو * ڪثرت سان درود پڙهڻ واري کي قيامت جي گرمي ۾ عرش جي ڇانو نصيب ٿيندي * ڪثرتِ درود جي برڪت سان الله پاڪ جو قرب نصيب ٿيندو آهي، جنتي اِبنِ جنتي، صحابي اِبنِ صحابي حضرت عبد الله بِن عَبّاس رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا فرمائن ٿا: الله پاڪ جليل القدر نبي حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام ڏانهن وحي فرمائي: اي موسي! جيڪڏهن منهنجو قُرب چاهيو ٿا ته منهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ڪثرت سان درود پڙھو۔ * ڪثرتِ درود جي برڪت سان پريشانيون ختم ٿين ٿيون، غم مٽجن ٿا، پريشانيون حل ٿين ٿيون، رزق وڌي ٿو ۽ حاجتون پُوريون ٿين ٿيون. (اَفْضَلُ الصَّلوٰۃ، صفحہ:18-20) * علّامه يوسف بن اسماعيل نبهاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: دُرُودِ پاڪ جو وڏو فائدو اهو آهي ته هن جي برڪت سان خواب ۾ ديدارِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نصيب ٿيندو آهي بلڪ ڪِن مُکَثِّرِیْن (درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪرڻ وارن) تي ايستائين ڪرم ٿي ويندو آهي جو بيداري ۾ ئي لذتِ ديدار سان فيض ياب ٿيندا آهن.

(سعادةُ الدَّارَيْن، ص378)

حضرت سيدنا شيخ احمد زواوي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا بزرگ ٿي گذريا آهن، ان جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ روزانو 40 هزار ڀيرا درود شريف پرھندا هئا، فرمائن ٿا: اسان جو معمول آهي ته اسان نهايت ڪثرت سان بارگاھ رسالت ۾ درود ۽ سلام پڙهندا آهيون، هن جي برڪت سان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه اسان کي بيداري ئي ۾ سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت نصيب ٿيندي آهي۔

 (اَفْضَلُ الصَّلوٰۃ، صفحہ:18-20)

جلوۂ یار ادھر بھی کوئی پھیرا تیرا                             حسرتیں آٹھ پہر تکتی ہیں رستہ تیرا

 

 پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اسان کي به ڪثرت سان درود پاڪ پڙهڻ جي سعادت نصيب فرمائي۔ ڪثرتِ درود مان ڇا مُراد آهي، روزانو ڪيتري ڀيري درودِ پڙھيو وڃي ته ڪثرت ۾ شُمار ٿيندو، هن باري ۾ عالم سڳورن جا مختلف قول آهن، شيخ طريقت، امير اهلسنت، باني دعوتِ اسلامي حضرت