Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

علامه مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ ”نيڪ بڻجڻ جي نسخي“ يعني رسالو ”72 نيڪ اعمَال“ ۾ روزانو گھٽ مان گھٽ 313 ڀيرا درود شريف پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائي آهي۔ جيئن نيڪ اعمال نمبر 8 ۾ آهي: ڇا اڄ اوهان گھٽ مان گھٽ 313 ڀيرا درود شريف پڙھيو؟

جيڪڏهن اسان 72 نيڪ اَعمَال تي عمل ڪندي روزانو گھٽ مان گھٽ 313 ڀيرا درود شريف پڙهڻ وارا بڻجي وڃون ته ڪن عالم سڳورن جي نزديڪ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه اسان جو شُمار ڪثرت سان درود پڙهڻ وارن ۾ ٿي ويندو۔ ياد رهي! 313 ڀيرا درود شريف پڙھڻ پنهنجي جڳھ تي اهميت رکي ٿو پر هاڻي ته شَعبَانُ المُعَظَّم آهي، آقا جو مهينو هلي رهيو آهي، درودِ پاڪ پڙهڻ جا خاص ڏينهن آهن، هاڻي ته اسان کي گھرجي ته بس هر وقت تسبيح هٿ ۾ رکون، اُٿندي، ويهندي، هلندي ڦرندي، دُڪان تي، گھر ۾، جتي هجون بَس هر وقت درود شريف پڙھندا ئي رهون۔ الله پاڪ اسان سڀني کي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! درودِ پاڪ کان عِلاوه 3 وڌيڪ نيڪ ڪم آهن، جن کي شَعبَانُ المُعَظَّم ۾ ڪرڻ جي بطور خاص اهميت ۽ فضيلت آهي۔ انهن مان پهريون نيڪ ڪم آهي: تِلاوتِ قرآن مجيد۔

(2): شَعبَانُ المُعَظَّم جي ٻي اَهم عِبَادت: تلاوت ڪرڻ

ڪِن روايتن ۾ شَعبَانُ المُعَظَّم جو نالو ئي ” شَہْرُ الْقُرْآن “ رکيو ويو آهي، هڪ رِوَايت ۾ آهي: شَعْبَانُ الْمُعَظَّم الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: يارَبّ! تو مون کي ٻن عظمتن وارن مهينن (رجب ۽ رمضان) جي وچ ۾ رکيو آهي، منهنجي لاءِ ڇا آهي؟ ارشاد ٿيو: مون تو ۾ قرآن جي تلات ڪرڻ رکي آهي۔ (لطائفِ مَعَارِف، صفحہ:186) حضرت اَنَس بن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه صحابه ڪرام عَلَيْهُم الرِّضوَان جو معمول بيان