Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

ڪندي فرمائن ٿا: جيئن ئي شَعبَانُ المُعَظَّم جي آمد ٿيندي هئي ته صحابه ڪرام عليهم الرِّضوَان پوري توجھ سان تِلاوتِ قرآن ۾ مصروف ٿي ويندا هئا۔ (لطائفِ مَعَارِف، صفحہ:186) جيئن ته شعبان جو مهينو شَهْرُ القُرآن (يعني تلاوتِ قرآن جو مهينو) به آهي، ان ڪري هن مبارڪ مهيني ۾ ڪثرت سان تلاوتِ قرآن به ڪرڻ گھرجي۔

سُبْحٰنَ اللہ! تِلاوتِ قرآن جو به ڇا عظيم شان آهي! * تلاوتِ قرآن افضل عِبَادت آهي۔ (كنز العمال، جزء:اول، ١/٢٥٧، حدیث:٢٢٦١) * قرآن پڙهڻ سان رَحمَت لهندي آهي۔ (مسلم، ص١٠٣٩، حدیث:٢٦٩٩) * جيڪو صبح جو قرآن ختم ڪري ته شام تائين ۽ جيڪو شام جو ختم ڪري ته صبح تائين ملائڪ ان جي لاءِ رحمت جي دُعا ڪندا آهن۔ (كنز العمال، جزء:اول، ١/٢٦١، حدیث:٢٣١٦) * جيڪو نماز ۾ بيهي قرآن جي تلاوت ڪري ان جي لاءِ هر اکر جي بدلي 100 نيڪيون آهن ۽ جيڪو نماز ۾ ويهي تلاوت ڪري ان جي لاءِ هر اکر جي بدلي 50 نيڪيون آهن ۽ جيڪو نماز کان علاوه باوضو تلاوت ڪري ان جي لاءِ 25 نيڪيون آهن ۽ جيڪو بغير وضو تلاوت ڪري ان جي لاءِ 10 نيڪيون آهن. (احیاء العلوم، کتاب :آداب تلاوة، جلد:1، صفحہ:362) * قرآن پڙهڻ وارو عذابِ الٰهي کان محفوظ رهندو آهي۔ (كنز العمال،جزء:اول، ١/٢٥٨، حدیث:٢٢٦٧) * قرآن پڙهڻ وارو ان جي بَرَڪت سان ترقي ڪندو آهي ۽ وڏا درجات حاصِل ڪندو آهي۔ (كنز العمال،جزء:اول، ١/٢٥٩، حدیث:٢٢٨٩) جنتي صحابي، حضرت عبد الله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: اَلْقُرْآنُ شَافِعٌ وَمُشَفَّعٌ قرآن شفاعت ڪرڻ وارو آهي ۽ ان جي شفاعت قبول ڪئي ويندي، فَمَنْ جَعَلَہٗ اَمَامَہٗ قَادَّہُ اِلَی الْجَنَّۃِ جيڪو قرآن کي پنهنجو امام بڻائي وٺي، قرآن ان کي جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندو آهي وَمَنْ جَعَلَہٗ خَلْفَہٗ سَاقَّہٗ اِلَی النَّارِ  ۽ جيڪو ان کي ڇڏي ڏيندو آهي، قرآن ان کي دوزخ ۾ پهچائي ڇڏيندو آهي۔ (مصنف عبد الرزاق، باب تعلیم القرآن وفضلہ، جلد:3، صفحہ:229، حدیث:6030ملتقطًا)

پيارا اسلامي ڀائرو! شَهرُ القُرآن يعني شَعبَان جو مهينو اچي چڪو آهي، اسان کي گھرجي ته هاڻي ته خصوصيت سان وَقت ڪڍي لازمي قرآن ڪريم جي تِلاوت ڪريون، ترجمو ڪنز الايمان پڙھي، ترجمو ڪنز العرفان پڙھي، تفسير