Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

خزائِن العرفان، تفسير نور العرفان، تفسير صراط الجنان پڙهي قرآنِ ڪريم کي سمجھون ۽ انهن جي برڪتن کي حاصِل ڪريون، پنهنجي دُنيا به بهتر بڻايون، قبر ۽  آخرت به بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪريون۔ حضرت عمر بِن قيس رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هڪ نيڪ بزرگ ٿي گذريا آهن، انهن جي باري ۾ منقول آهي ته شَعبَانُ المُعَظَّم جي آمد ٿيندي هئي ته هو پنهنجي دُڪان بند ڪري ڇڏيندا هئا ۽ پاڻ کي تِلاوتِ قرآن جي لاءِ فارِغ ڪري ڇڏيندا هئا۔ (لطائِفِ مَعَارِف، صفحہ:186) الله پاڪ اسان کي به اهڙي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صلَّی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلَّم

تِلاوت کی توفیق دے دے اِلٰہی!                        گُنَاہوں کی ہو دُور دِل سے سیاہی

تِلاوت کروں ہر گھڑی یااِلٰہی!                            بکوں نہ کبھی بھی میں واہِی تباہِی

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                              صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

(3):شَعبَانُ المُعَظَّم جي ٽئين اَهم عبادت: نفلي روزا

ٽئين اَهم عِبَادت جيڪا شَعبَانُ المُعَظَّم ۾ خصوصيت سان ڪرڻ گھرجي اها آهي: نفلي روزن جي ڪثرت۔ اسان جا آقا و مولا، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رمضان المبارڪ کان پوءِ سڀ کان وڌيڪ شَعبَانُ المُعَظَّم ۾ روزا رکڻ پسند ڪندا هئا۔ اُمُّ المُؤمِنِين حضرت عائشه صديقه، طيبه طاهره رَضِىَ اللهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: حُضُورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مون شعبان کان وڌيڪ ڪنهن مهيني ۾ روزا رکندي نه ڏٺو، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪجھ ڏينهن کان علاوه باقي سڄي ئي مهيني جا روزا رکندا هئا۔ (ترمذی، کتاب:الصوم، باب:ماجاء فی وصال شعبان برمضان، صفحہ:206، حدیث:736) هڪ ڀيري پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ سُوال ٿيو: رمضان کان پوءِ ڪهڙا روزا اَفضَل آهن؟ فرمايائون: رمضان جي تعظيم جي لاءِ شعبان جا روزا رکڻ۔

(ترمذی، کتاب: زکوٰۃ، باب: فضیلتِ صدقہ، صفحہ:189، حدیث:663)

پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان المبارڪ جا روزا ته فرض آهن، اهي ته اسان