Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

Book Name:Shaban-ul-Muazzam Ki Ahem Ebadaat

کي رکڻا ئي رکڻا آهن، هن سان گڏ نفلي روزا به لازمي رکڻ گھرجن، الحمد لله! اسان جا بزرگ سڳورا ڪثرت سان نفلي روزا رکندا هئا، اچو! ترغيب جي لاءِ 2 حڪايتون ٻڌون ٿا: * ”تاريخِ بَغدَاد“ ۾ آهي: حضرت سيدنا داود طائي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه مسلسل 40 سال روزا رکندا رهيا پر سندن اِخلاص جو اهو عالم هو جو پنهنجي گھر وارن تائين کي خبر نه ٿيڻ ڏني، ڪم تي ويندي ٻنپهرن جو کاڌو گڏ کڻندا هئا ۽ واٽ ۾ ڪنهن کي ڏئي ڇڏيندا هئا، مغرب کان پوءِ گھر اچي کاڌو کائي وٺندا هئا۔ (تاریخ بغداد، جلد8، صفحہ:345) * ”حِليةُ الاَولِيا“ صحابه ڪرام عليهم الرِّضوَان ۽ اولياءِ ڪرام جي سيرت ۽ انهن جي حڪمت ڀرين قولن تي مشتمل نهايت ناياب ڪتاب آهي، دعوتِ اسلامي جي علمي ۽ تحقيقي شعبي اَلمَدِينَةُ العِلمِيه اسان جي آساني جي لاءِ هن جو اردو ۾ ترجمو به ڪيو آهي، هن ترجمي جو نالو آهي: ”الله والوں کي باتيں“۔ اهو بهترين ۽ ناياب ڪتاب مڪتبة المدينه تان هديو ڏئي حاصِل به ڪري سگھجي ٿو ۽ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان فرِي ڊاؤنلوڊ به ڪري سگھجي ٿو، حِليةُ الاَوليا جي جلد:6، صفحي: 266 تي آهي: حضرت قتاده رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي استاد حضرت عبد الله بن غالِب حَدّاني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي شهيد ڪيو ويو، تدفين کان بعد سندن قبر شريف جي مٽي مان مشڪ جي خوشبو ايندي هئي، ڪنهن خواب ۾ ڏسي پڇا ڪئي: اوهان سان ڪهڙو معاملو ڪيو ويو؟ چيائون: سٺو معاملو ڪيو ويو. پڇيو ويو: اوهان کي ڪٿي کڻي ويا؟ فرمايائون: جنّت ۾۔ خواب ڏسڻ واري پڇيائين: ڪهڙي عمل سبب؟ فرمايائون: ڪامل ايمان، تهجد ۽ گرمين جي روزن جي سبب۔ خواب ڏسڻ واري چوٿون سوال پڇيو: اوهان جي قبر مان مشڪ جي خوشبو ڇو اچي رهي آهي؟ فرمايائون: اهو منهنجي تلاوت ۽ روزن ۾ لڳڻ واري اُڃ جي خوشبو آهي۔

بَرَاءَت دے عذابِ قبر سے، نارِ جہنّم سے          مَہِ شعبان کا صدقے میں کر فضل وکرم مولیٰ!

پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! نفلي روزا رکڻ جون ڪهڙيون عظيم